نيپرا هڪ روپيو 66 پيسا في يونٽ بجلي جا اگهه وڌائي ڇڏيا

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نيپرا بجلي جي اگهن ۾ هڪ روپيو 66 پيسا في يونٽ بجلي جا اگهه وڌائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. نيپرا جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو آهي ته آگسٽ جي فيول ايڊجسٽمينٽ چارجز جي مد ۾ اهو اضافو ڪيو ويو آهي جيڪو نومبر جي بلن ۾ وصول ڪيو ويندو. 50 يونت تائين ماهوار بجلي استعمال ڪندڙ لائيف لائين صارفين تي هي فيصلو لاڳو نه هوندو. 8 صفحن جي فيصلي ۾ نيپرا ڪيترن ئي نجي بجلي گهرن جي قيمت وڌائڻ جي درخواست مختلف سببن ڪري رد ڪيون آهن.

واپڊا جون سموريون ڊسٽريبوشن ڪمپنيون واڌو اگهه وصول ڪرڻ جون مجاز هونديون. ڪي اليڪٽرڪ واڌو اگهه وصول نه ڪندي. ياد رهي ڪي اليڪٽرڪ 900 ميگا واٽ جو بجلي گهر تعمير ڪرڻ لاءِ اربع تي معاهدو ڪيو آهي جيڪو 66 ڪروڙ جي لاڳت سان 2012 ۾  مڪمل ٿيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو