نماڻو سنڌي جي 16 ورسي نوان جتوئي ۾ آچر تي ملهائبي

نوشهروفيروز(ڊ ر) سنڌ جي نامياري مزاحمتي ۽ عوامي شاعر علي حسن کوسو (نماڻو سنڌي) جي 16هين ورسي سنڌي ادبي سنگت پاران نوان جتوئي شهر ۾ 21 اپريل آچر ڏهاڙي شام جو ستين وڳي ملهائي ويندي جنهن ۾ سنڌ جا ناليوارا اديب، شاعر سنڌي ادبي سنگت جو مرڪزي سيڪريٽري جنرل احمد سولنگي، حليم باغي، جمن دربدر، تاج جويو، عزيزالله ٻوهيو، ادريس جتوئي، اشرف پلي، گدا خاصخيلي، آزاد انور ڪانڌڙو، قربان کوسو، گل مورو سميت ٻيا ڪيترائي شاعر ۽ قلمڪار نماڻي سنڌي جي زندگيءَ تي روشني وجهندا جڏهن ته راڳ رنگ ۾ ٿر جا مشهور راڳي رفيق فقير، ڪالو فقير ۽ صادق فقير جا نينگر پڻ سنگ سان گڏ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندا.

پهنجو تبصرو موڪليو