ڪراچي (نمائندن وٽان) حيدرآباد جي پريمي جوڙي کي ڇوڪري جي وارثن پاران ڪٽڪو، جوڙي جي مزاحمت بعد کيبر پوليس کين بچائي ورتو. هوڏانهن کپرو جي پريمي جوڙي سانگهڙ جي عدالت ۾ شادي بعد تحفظ جي گهر ڪئي آهي. مٽياري مان رياض چانڊيو موجب حيدرآباد جي خورشيد ڪالوني واسڻ صاحبه پنجابي اڏيرو لال واسي فهيم ساهووال سان پيار جي پرڻي لاء گهران نڪري پيا اهڙي کڙڪ پوڻ تي ناري جي وارثن جوڙي جو پيڇو ڪندي مٽياري ويجهو کيبر وٽ پريمي جوڙي کي قابو ڪري سخت تشدد جو نشانو بڻايو.

جنهن تي جوڙي مزاحمت ڪندي ڀڄي وڃي کيبراڻي ٿاڻي تي پناھ ورتي. پوليس جوڙي کي وارثن کان بچائيندي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج مٽياري جي عدالت ۾ پيش ڪيو. جتان جوڙي کي بيان لاء ڪنزيومر ڪورٽ آندو ويو جتي ناري صاحبه پنجابي بيان ڏنو ته هو فهيم سان پيار جي پرڻي لاء گهران نڪتي آهي ۽ ان سان رهڻ چاهي ٿي ناري جي بيان بعد عدالت سڳوري جوڙي کي گڏ رهڻ جي اجازت ڏيندي پوليس کي جوڙي کي تحفظ فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏنو. ***سانگهڙ مان خير محمد مگسي موجب کپرو جي رھواسڻ ناري بشيران ڌي منٺار سولنگي سانگھڙ جي ڳوٺ چامارو واسي نوجوان عطا محمد ولد ڌڻي بخش خاصخيلي سان پيار جو پرڻو ڪري ڇڏيو، جوڙي سانگھڙ ۾ پيار جو پرڻو ڪيو ناري صحافين کي ٻڌايو ته هن پنھنجي مرضيءَ سان عطا محمد سان شادي ڪئي آهي پر منھنجي شادي سان مائٽ ناراض آهن۽ اسان جي جان جا ويري بڻجي ويا آھن منھنجو مامو علي نواز ۽ چاچو عطا حسين سولنگي منھنجي مڙس خلاف اغوا جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪرائڻ چاھين ٿا، اسان کي ھنن مان خطرو آهي جوڙي ايس ايس پي سانگهڙ کان مطالبو ڪيو ته کين تحفظ فراهم ڪيو وڃي.










