مولوين پاران گرلز اسڪول کي تالو، مدرسن ۾ پڙهڻ جو حڪم

ٽنڊومحمدخان (لال بخش سٺيو) گورنمنٽ پرائمري گرلس اسڪول جنھاڻ سومرو جون نياڻيون ھن جديد دور ۾ به تعليم جھڙي زيور کان محروم آھن. 16سال اسڪول بند رھڻ کان پوء ھڪ انسان دوست ھن اسڪول کي وڏي محنت سان کولرائي نياڻين کي تعليم ڏيارڻ وارو عمل شروع ڪرايو جيڪو ڇھه مھينا برقرار رھڻ کان پوء تر جي وڏيرن مذھبي اڳواڻن وري ھن اسڪول کي تالو لڳرائي بند ڪرائي ڇڏيو .نياڻين جي والدين ۽ جنھاڻ سومرو جي رھواسين وس وارن کان اسڪول کي ٻيهر کولرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي. سماجي اڳواڻ محمود سومري چيو ته جنھاڻ سومري جي ڳوٺ جا ڪجھه  مذھبي ٺيڪيدار. نياڻين جي تعليم ڏيارڻ جي حق ۾ ناھن اھي چاھين ٿا ته نياڻين لاء انگريزي تعليم ضروري ناھي، کين ديني تعليم لاءِ مدرسن ۾ موڪليو.

ھنن وفاقي توڻي سنڌي سرڪار کان مطالبو  ڪيو آھي ته گورنمنٽ گرلس پرائمري اسڪول جنھاڻ سومري کي جلد کولايو وڃي ۽ اسڪول بند ڪرائيندڙ مڊهبي ٺيڪيدارن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي. ياد رهي ته جنهاڻ سومرو سنڌ جو علمي ادبي ڳوٺ آهي ۽ منشي ابراهيم به هتان جو هو. اڄڪلهه ديو بند مڪتبه فڪر وارن جا مدرسا کلي ويا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو