ملڪ ۾ مهانگائي ۽ واڌو ٽيڪس خلاف تاجرن جي هڙتال، تاجر برادري تقسيم

ڪراچي(نمائندن وٽان) آل پاڪستان انجمن تاجران ۽ ٻين تنظيمن جي سڏ تي ملڪ جي اڪثر ننڍن وڏن شهرن ۾ بجٽ ۾ ڪيل مهانگائي ۽ وڌايل ٽيڪس خلاف هڙتال جاري آهي. ڪجهه شهرن ۾ تاجر تنظيمن هڙتال کان لاتعلقي ظاهر ڪندي دوڪان کوليا آهن پر گهڻي ڀاڱي دوڪان بند آهن. ڪراچي، لاهور، راولپنڊي، پشاور ۽ ڪوئٽا ۾ تاجرن جي ڏنل سڏ تي هڙتال آهي. ڪٿي ڪٿي ٽريفڪ به متاثر ٿي آهي چو ته ٽرانسپورٽرن جي ڪجهه تنظيمن به ان جي حمايت ڪئي آهي. تاجرن جلوس به ڪڍيا آهن ۽ ٽيڪس واپس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي. آل پاڪستان انجمن تاجران جي جنرل سيڪريٽري نعيم مير موجب حڪومت تاجرن کي ورهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي پر ناڪام وئي. هوڏانهن ڪراچي جي تاجر برادري به ورهائجي وئي آهي. مرڪزي تنظيم تاجران جي صدر ڪاشف چوڌري هڙتال جي حمايت ۽ ڪراچي تاجر ايڪشن ڪميٽي جي شرجيل گوپلاڻي لاتعلقي ظاهر ڪئي آهي. هن جو چوڻ آهي ته حڪومت سندن اڪثر مطالبا مڃي ورتا آهن. سنڌ جي مختلف شهرن ۾ پڻ گهڻي ڀاڱي هڙتال آهي. سکر، لاڙڪاڻو، خيرپور، نوشهروفيروز، گهوٽڪي، شاهپور جهانيا، مورو، نوبشاهه، حيدرآباد، سانگهڙ، ميرپور خاص، ٺٽو، بدين ۾ جزوي هڙتال آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو