مقناطيسي پٽي وارا اي ٽي ايم ڪارڊ بند نه ڪيا ويندا؛ اسٽيٽ بينڪ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اسٽيٽ بينڪ چيو آهي ته مقناطيسي پٽي وارا موجود اي ٽي ايم ڪارڊ بدستور ڪم ڪندا رهندا. اهڙن اطلاعن ۾ ڪا به صداقت ناهي جنهن ۾ چيو ويو هو ته مقناطيسي پٽي وارا ڪارڊ 31 ڊسمبر 2019 کان ڪم نه ڪندا اهي صرف اڦواهون هيون. اسٽيٽ بينڪ ڪارڊ جاري ڪندڙ بينڪن کي اهڙي ڪا به هدايت جاري ناهي ڪئي اهي صارفين جنهن هن وقت وارا ڪارڊ ناهن مليا اهي پنهنجو مقناطيسي پٽي وارو ڪارڊ ان وقت تائين استعمال ڪري سگهن ٿا جيستائين انهن کي نئون ڪارڊ نه ملي. ايڪٽيويشن ۽ ڊليوري جي رجحان جي بنياد تي ڪارڊ جاري ڪندڙ موجوده مقناطيسي پٽي واري ڪارڊ کي بلاڪ ڪري سگهن ٿا ته جيئن مستقبل ۾ چپ ۽ پن ڪارڊ تي منتقلي واري عمل کي يقيني بڻائي سگهجي. اسٽيٽ بينڪ مطابق ته اسان اها ڳالهه ياد ڪرائڻ ٿا چاهيون ته اسٽيٽ بينڪ پي ايس ڊي سرڪلر ليٽر نمبر 09 سال 2018 ذريعي سڀني بينڪن ايم ايف بيز کي هدايت ڪئي هئي ته هو پنهنجي موجوده ڪارڊ پورٽ فوليوز کي 30 جون 2019 تائين اي ايم وي چپ ۽ پي آءِ اين تي منتقل ڪري وٺن.

پهنجو تبصرو موڪليو