مرسي جي موت جي جاچ جي مطالبي جي مصر پاران مذمت

قاهرا(م ڊ) مصر جي فوت ٿيل سابق صدر جي موت جي جاچ ڪرائڻ بابت اقوام متحده جي نمائندي واري بيان جي مصر جي مزارت خارجه جي ترجمان مذمت ڪندي چيو آهي ته پهريون ڀيرو چونڊيل صدر جي طبعي موت کي اقوام متحده سياسي رنگ پيو ڏئي. اربع تي جاري ڪيل بيان ۾ هن جاچ جي مطالبي کي بظاهر رد ڪيو آهي.67 سالن جو ڪمزور محمد مرسي 17 جون سومر تي عدالت ۾ حاضري دوران ڪري پيو هو، بعد ۾ سرڪاري اعلان ۾ چيو ويو ته دل جي دوري سبب فوت ٿيو. کيس خانداني قبرستان ۾ دفن نه ڪيو ويو، جنازي نماز جيل ۾ اڱاري تي پڙهي وئي، جنهن ۾ گهر ڀاتي موجود هئا. جنهن تي اقوام متحده جو انساني حقن بابت نمائندي روپرٽ ڪول ولي چيو ته مصر جي حڪومت آزاد جاچ ڪرائي ته موت جو اصل سبب ڇا آهي ۽ 6 سالن کان جيل ۾ هن کي طبي امداد ملي يا نه۽ هن سان ڪهڙو سلوڪ ڪيو ويو. ترڪ صدر رجب طيب اردوگان، ايمنيسٽي انٽرنيشنل پڻ ساڳيو مطالبو ڪيو آهي.

پاڪستان ۾ جماعت اسلامي محمد مرسي جي غائبانه جنازي نماز ادا ڪئي وئي

مرسي انجنيئر هو، ناسا سان خلائي شٽل جي تياري تي ڪم ڪيو، امريڪي يونيورسٽي ڪيليفورنيا ۾ پڙهائيندو رهيو ۽ 2000 ۾ ملڪ اچي اليڪشن وڙهيو. حسني مبارڪ اخوان المسلمين (جماعت اسلامي) تي پابندي هنئين، 2012 ۾ هو مصر جو صدر چونڊجي ويو. مصر جتي شراب عام اسٽور تي ملندو آهي، مرسي اسلامي نظام نافذ ڪرڻ گهريو پئي، قانونسازي جو اختيار پارليمان کانسواءِ پاڻ کي ڏنا، جنهن تي ملڪ ۾ هنگاما ٿيا ۽ ان وقت جي آرمي چيف ۽ موجوده صدر عبدالفتاح سندس تختو اونڌو ڪري قيد ڪيو. هو شگر ۽ جيري جو مريض هو ۽ 2018 ۾ برطانوي پارليماني وفد خبردار ڪيو هو ته کيس گهربل طبي امداد نه پئي ملي ۽ هو ان سبب وقت کان اڳ فوت ٿي سگهي ٿو. ترڪي ۽ پاڪستان ۾ سندس غائبانه جنازي نماز ادا ڪئي وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو