مذهبي ۽ مهذب ڪلچر ؟ : وسعت الله خان

ڪرائسٽ چرچ ۾ دھشتگردي جي متاثرين جي مدد لاءِ ٺاھيل خصوصي فيس بڪ پيج “گُو اي لٽل” يعني “ٿورڙو ڏيو” تي گذريل 72 ڪلاڪن ۾79 ھزار کان وڌيڪ ماڻھن 64 لک ڊالر  کان وڌيڪ چندو ڏئي چڪا آھن ۽ ان امداد ۾ مسلسل اضافو ٿيندو پيو وڃي ـ “لانچ گڊ ويب سائيڊ” تي يوتي لوآنو ۽ ان جي زال جڏھن اسپتال جي ٻاھران فٽ پاٿ تي زخمي مٽن مائٽن عزيزن جي خير خبر وٺڻ جي انتظار ۾سوين ڏکوئيندڙ چھرا ڏٺا ته ھنن کي پھريان خيال آيو ته شايد اھي بکايل اڃايل آھن سو يوتي تڪڙ ۾ ھڪ فيس بڪ پيج ٺاھي ان تي ”حلال فوڊ“ کاڌ کوراڪ جي اپيل ڪئي ـ يوتي ۽ سندس زال جي اپيل تي شھرين جون ڊگھيون قطارون کاڌ خوراڪ جي ڀريل ٿيلن سان لڳي ويون انھن  قطارن کان خوارڪ وٺڻ لاء رضاڪارن جو ھڪ جٿو پاڻ مرادو وجود ۾ اچي ويو ـ ڪجھه ئي ڪلاڪن ۾ يوتي کي فيس بڪ پيج تي ھڪ ٻي اپيل ڪرڻي پئجي وئي ”توھان جي وڏي مھرباني ھاڻي ڪجھه نه گھرجي ڇاڪاڻ ته شيون گنجائش ۽ ضرورت کان وڌيڪ گڏ ٿي ويون آھن”.  نيوزي لينڊ تون سدا جيئندو رھين ـ  “گرونانڪ فري ڪچن آڪ لينڊ” جي طرفان ٽيويٽر ۽ فيس بڪ تي اپيل ڪئي وئي ته مسلمان ڀائرن جي خدمت لاء اھڙا رضاڪار گھرجن جيڪي ميتن کي غسل ڏئي سگھن جنازن ۽ سندن عزيزن کي قبرستان تائين پھچائڻ ۾ مدد ڪن سوڳوارن کي ماني کارائڻ لاء لنگر جي ڊيوٽي سنڀالي سگھن، واھ گرو جي جا خالصه، واھ گروجي جي فتح ـ  ويلنگٽن شھر جي شھري ليانس ھوورڊ جو فيس بڪ پيج ڪجھه ئي ڪلاڪن ۾ سورنھن ھزارن کان وڌيڪ نيوزي لينڊرز شئير ڪيو ـ پيغام بس ايترو آھي ته جيڪڏھن ويلنگٽن جي ڪا مسلمان عورت ھن وقت ڪنھن خوف ۾ ورتل آھي ته مونسان رابطو ڪري ـ مان توھان سان گڏ ھلنديِس ـ بس اسٽاپ تي توھان سان گڏ بيھنديسِ گڏ سفر ڪنديِس، توھان جيڪڏھن خريداري ڪرڻ چاھيو ته مان توھان جي حفاظتي  ڀِتِ بڻجي وينديِس مھرباني ڪري مونسان رابطو ڪيو ـ 20 آڪٽوبر ٻه ھزار نوَ تي ھڪ خود ڪش بمبار اسلام آباد جي انٽرنيشنل اسلامڪ يونيورسٽي جي شاگردن سان ڀريل ڪينٽين ۾ گھڙڻ جي ڪوشش ڪئي ھئي پر ان بمبار کي هڪ خاڪروب  پرويز مسيح ٻَکُ ھنيو ھو جنھن ڪري خودڪش بمبار جو بم ڪينٽين جي دروازي تي ئي ڦاٽي پيو ھو 3 ماڻھون مئا ھئا جيڪڏھن پرويز مسيح پنھنجي جان قربان نه ڪري ھان ته ويھارو کن ماڻھون مري وڃن ھان ـ  اٺ جنوري ٻه ھزار پندرنھن ۾ جڏھن داعش پيرس ۾ توھين آميز ڪارٽون ڇاپڻ واري رسالي چارلي ھيبڊو جي دفتر تي حملو ڪيو ھو ته ان وقت ھڪ فرانسيسي پوليس آفيسر احمد مراتب انھن کي روڪيندي شھيد ٿي ويو ھو. احمد جي جنازي ۾ شامل ھر ماڻھون بيج لڳايو ھو ته ”مان احمد آھيان“ ان ئي ڏينھن پيرس ۾ ڪوشر فوڊ کائڻ واري مارڪيٽ تي دھشتگرد حملو ٿيو ته اتي موجود مزدوري ڪندڙ مالي کان آيل ھڪ مسلمان پناھگير لسانا ڀتيلي حالتن کي سمجھندي دھشت گردي جو شڪار ٿيندڙ يھودي گرھاڪن کي سپر مارڪيٽ جي تهه خاني ۾ لڪائي ٻاھران تالو لڳائي بچائي ورتو ھو سندس اھڙي عمل تي صدر فرانسوا ھولاندي ان ڪاري نسل جي غير ملڪي مسلمان کي صدارتي محل ۾ سڏائي ملاقات ڪئي ۽ چيائينس ته “تو جھڙو فرانسيسي ڪير به ناھي“ . گذريل سال مئي ۾ ڀارتي رياست اترا کنڊ ۾ رام نگر جي ھڪ مندر جي ٻاھران انتھا پسندن ھڪ ھندو ڇوڪري سان گڏ ايندڙ مسلمان ڇوڪر کي گھيري ورتو ان مسلمان ڇوڪر کي ھڪ پوليس آفيسر گگن ديب سنگھه پاڻ ۾ لڪائي سنگسار ٿيڻ کان بچائي ورتو ” پوء گگن سنگھه چيو ھو ته مون ڪو خاص ڪم نه ڪيو آھي اھو ڪم ته سڀني ڀارتين کي ڪرڻ کپي ـ  ڪوئي ٻڌائيندو ته ڪيترا مسلمان، ھندو، سک، يھودي، ڪرسچن ۽ ملحد خراب ھوندا آھن؟ انھن ۾ حيوان ڪيترا آھن ۽ انسان ڪيترا آھن؟  وڌيڪ نه پر ھڪ منٽ ضرور سوچجو، توھان جي اندر مان توھان کي جيڪو به جواب ملي اھو ڪنھن کي به ٻڌائڻ جي بجاءِ بس ياد ضرور رکجو !!! (ترجمو حسن ڪلهوڙو)

پهنجو تبصرو موڪليو