دبئي( ويب ڊيسڪ) پاڪستاني باڪسر محمد وسيم پنهنجي فلپائني حريف ڪانراڊو کي ناڪ آئوٽ ڪري فائٽ کٽي ورتي. دبئي جي مرينا باڪسنگ ايرينا ۾ منعقد ڪيل فائٽ ۾ هن فلپائني باڪسر کي سوا منٽ ۾ شاندار پنچنگ ڪري چت ڪري ڇڏيو. اها محمد وسيم جي 12 هين پروفيشنل ڪاميابي آهي. محمد وسيم ڪوئٽا ڄائو آهي ۽ هڪ سرڪاري ملازم جو پٽ آهي.










