مادري ٻوليءَ جي ڏهاڙي تي سنڌي ٻولي بابت سيمينار

مادري ٻوليءَ جي ڏهاڙي تي سنڌي ٻولي بابت سيمينار

نواب شاهه (ن س) شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي جي فيڪلٽي آف سوشل سائنسز جي سنڌي شعبي  پاران ميڊيا شعبي، انگريزي شعبي ۽ يونيورسٽي جي ڊائريڪٽوريٽ آف پبلڪ رليشنس جي گڏيل سهڪار سان سنڌي ثقافت جي رنگن سان مادري ٻوليءَ جو ڏهاڙو ملهايو ويو. يونيورسٽي جي شاگردن ۽ شاگردياڻين پاران ان  ڏينهن تي ”سنڌي ٻولي شاهوڪار ٻولي“ جي عنوان هيٺ  يونيورسٽي جي ملٽي پرپز هال ۾ هڪ سيمينار ڪرايو ويو ، جنهن ۾ سنڌي، ڪيمسٽري، ايجوڪيشن، انگلش، ميڊيا اسٽڊيز، انفارميشن ٽيڪنالاجي ، جينيٽڪس بي بي اي، ايم بي اي، ايم ايس سي ڪيمسٽري ۽ ايم فل جي شاگردن شرڪت ڪئي. سيمينار ۾ ٿيندڙ ليڪچر دوران سنڌي شعبي جي چيئرمين ڊاڪٽر امير علي شاهه چيو ته سنڌي اڄ به پاڪستان جي شاهوڪار ترين ٻولي آهي جيتوڻيڪ پاڪستان کان اڳ يا اڄ به پاڪستان ۾ سنڌي واحد زبان آهي، جنهن جي باقاعده صورتخطي، نصاب، ٽائپ رائٽرس، ڪمپيوٽر، پريس، اسڪولي نصاب ۽ اخبارون موجود آهن. سنڌي ٻولي جي اها خصوصيت آهي جو اها اڄ به سنڌ ۾ باقاعدگيءَ سان پڙهائي وڃي ٿي. موجوده پاڪستان ۾ اسين سنڌي خوش نصيب آهيون جو اسان جي سنڌي، قومي ٻولي جو درجو نه ملڻ جي باوجود وڌيڪ سگهاري ۽ شاندار حيثيت ۾ موجود آهي، جنهن جون روزانو 50 کان وڌيڪ اخبارون، ٽي وي چئنل، اسڪولن کان وٺي يونيورسٽين تائين نصاب ۾ پڙهائي ٿي وڃي. تنهن ڪري سنڌي ٻولي جو مستقبل پاڪستان جي ٻين ٻولين کان وڌيڪ مضبوط ۽ محفوظ آهي. ان موقعي تي ميڊيا ڊپارٽمينٽ جي چيئرمين دستار علي چانڊيو، مختيار علي جمالي، رميز مهيسر، فهيم احمد، الطاف جکر ۽ ٻين چيو ته ٻوليءَ جي ماهر مائيڪل اِي ڪرس جي چواڻي ته ”صرف اُها ٻولي سلامت رهي سگهي ٿي جنهن جي ڳالهائيندڙن جون ايندڙ نسلون هڪ سئو سالن تائين اُها ٻولي ڳالهائين.“ هڪ اندازي مطابق دنيا جي مختلف ملڪن ۽ هنڌن تي ڇهه کان ست هزار ٻوليون رائج آهن جن مان هڪ امڪان آهي ته 90 سيڪڙو تائين ٻوليون صديءَ جي آخر تائين ختم ٿي وڃن. يعني ته هڪ سئو سالن کانپوءِ هن ڌرتي تي  دنيا ۾ صرف 600 ٻوليون ئي پنهنجو وجود برقرار رکي سگهنديون. ٻولين جي گم ٿيڻ جي شرح وقت سان گڏ ايترو ته تيز ٿي رهي آهي جو هڪ اندازي مطابق صرف پاڪستان ۾ ئي 2030ع تائين 18 کن پاڪستاني ٻوليون پنهنجو وجود وڃائي چڪيون هونديون. هي اُهي ٻوليون آهن جن جا اصلوڪا ڳالهائيندڙ وڃي ڏهاڪن يا چند سون ۾ بچيا آهن ۽ پنهنجي ”مادري ڀاشا“ ڇڏي علائقي ۾ موجود بااثر ٻوليءَ جا ڳالهائيندڙ ٿي ويا آهن. سنڌي ٻولي شاهوڪار ٻولي آهي ۽ صدين تائين قائم رهندي. ان موقعي تي سنڌي شعبي جي شاگردن ۽ شاگردياڻين مادري ٻولي تي مقالا پڙهي ۽ سنڌي گيت ڳائي پنهنجي مادري ٻولي کي ڀيٽا پيش ڪئي جڏهن ته سنڌي شعبي پاران ترتيب ڏنل سنڌي ثقافت، سنڌي لاڏا، هو جمالو ۽ ٻين ثقافتي رنگن سان ڀرپور هڪ ويڊيو پڻ ڏيکاري وئي جنهن کي ڏسي استادن، شاگردن ۽ شاگردياڻين جون اکيون خوشيءَ مان ڀرجي آيون.

پهنجو تبصرو موڪليو