لطيف شناسائي”الف” جو احوال (حصو ٻيو)

اعجاز ممنائي
اَڄ آڳَڙيا آئيا، سُوڌا سِراڻِي؛
پياري پاڻِي، تيغُون ڪندا تکيون
(سُر يمن ڪلياڻ داستان 3 بيت 15)
سمجهاڻي: اڄ سراڻ هلائڻ وارا قابل ۽ سيبتا ڪاريگر پهچي ويا آهن،
هو ترارن کي پاڻي پياري سراڻ تي چاڙهي وڌيڪ تيز تکو ڪندا،
( ۽هو انهيءَ ڪم جا ماهر ڪاريگر آهن)
اَڄُ آڳڙيا آئيا، سوُڍا ڪِي سُڄاڻَ،
لاهيندا مورياڻَ، رُڪُ ڪَريندا پڌرو،(سُر يمن ڪلياڻ داستان3 بيت 16)
سمجهاڻي:اڄ اُهي سياڻا ۽ سمجهدار آڳڙيا اچي ويا آهن،جيڪي ڪٽيل ۽ مڏا ٿي ويل اوزار آهن انهن کي نئين سر باھ ۾ وجهي ڪَٽُ لاهي رُڪَ کي ظاهر ڪري تکو ڪندا۔
ﺍﻳڪ ﭘﻴﺎﻟﻮ ! ٻه ﭴﮣﺎ ! ﻋﺸﻖ ﻧﻪ ڪﺮﻱ ﺍِﻳﺌَﻦ !
ليکيا ﺟﻲ ﻟِﮑَﮡ ۾، ﺳﻲ ﻗﺮﺏ ﺭﺳﻨﺪﺍ ڪﻴﺌﻦ؟
ھئڻ ڪﻴﺎ ﻫِﻴﺌَﻦ، ﻭﺍﻧﺠﻴﺎ، ﭘَﺲُ ! ﻭِﺻﺎﻝ ﮐﺎﻥ .
سر يمن ڪلياڻ:داستان4:بيت1
سمجهاڻي: ﭘﻴﺎﻟﻮ ﻫڪ ۽ ﭴﮣﺎ ٻه ﻫﺠﻦ، ﻣﺤﺒﺖ ﺍﺋﻴﻦ ڪﺮﮠ ﻧﻪ ﭤﻲ ڏﺋﻲ، ﺟﻲ ﺣﺴﺎﺏ ۾ ‏( ٻه ‏) ﮘﮣﺠﻦ ﭤﺎ، ﺳﻲ ڪﺌَﻦ ﭘﺮﻳﻦﺀَ ﺟﻲ ﻭﻳﺠﻬﻮ ﺭﺳﻨﺪﺍ؟ ڏﺱ ﺗﻪ ﺍَﻟﮗ ﻫﺴﺘﻲﺀَ ﺍُﻧﻬﻦ ﮐﻲ ﻣﻴﻼﭖ ﮐﺎﻥ ﻭﺍﻧﺠﻬﻲ ‏( ﻣﺤﺮﻭﻡ ﻳﺎ ﻧﺮﺍﺱ ڪﺮﻱ ‏) ﮀڏﻳﻮ ﺁﻫﻲ

بيت2سُرُ يمن ڪلياڻ, داستان چوٿون
ايڪ پيالو! ٻه ڄڻا! عشق نه اِئن ڪري!
آٽِي سي ايڪ ٿيا، جي گَتا نينهن ڳري،
دوئي ڌار ڌري، جُه خُلَت خنجر آئيو.
(سُر يمن ڪلياڻ- داستان4 بيت 2)
پيالو هڪ ۽ ڄڻا ٻه محبت ائين جڳائي نٿي. (نينهن ۾ پرين ۽ محبتي ٻه الڳ هستيون هجن). جي محبت جي چنبي ۾ اچي ويا سي رجي هڪ ٿي ويا. پوء جيئن سچي محبت جو خنجر ٿو هلي ته ٻيائيءَ کي ڪپيو ڇڏي.
ايڪ پيالو! ٻه ڄڻا! عشق نه ڪري اَڌَ!
اِي تان، ساعر! سَڌَ، ڪَيَءَ جا قَوالَ سين.
(سُر يمن ڪلياڻ- داستان4 بيت 3)
سمجهاڻي: عشق جو پيالو ٻن ڄڻن (عاشق ۽ معشوق) کي جدا نه پر ھڪ ڪري ٿو اھو ئي پيالي جي گهُرَ ۽ مرضي آهي جيڪا ھن (وچن) قوال سان ڪيو۔
اَکرَ پڙهي اَڀاڳِيا! قاضِي ٿئين ڪِياءِ؟
ڀـيرِئين ۽ ڀانـئِئين، ايڏا اِئن نه آءُ!
اِنَ سُرڪِيءَ سندو ساءُ، پڇج عَزازِيل کي
(سُر يمن ڪلياڻ-داستان5 بيت17)
سمجهاڻي:
اي اڀاڳا! علم پڙھي قاضي ڪٿان ٿئين؟ تون دليل پيو ڊوڙائين ۽ خوديءَ ۾ گهوماٽيون پيو کائين: اهڙي نموني ھيڏانھن (روحاني پنڌ ۾) نہ اچ! اِنھيءَ سرڪي جي لذت جو سماءُ شيطان کان پڇج.
اَکر پڙه اَلف جو، وَرَقَ سڀ وسار؛
اَندر تون اُجار، پنا پڙهندين ڪيترا
(سُر يمن ڪلياڻ داستان5 بيت21)
سمجهاڻي: تون هڪ الف جو ئي اکر پڙهه، ٻيا سڀ پنا دل تان ميساري ڇڏ. تون پنهنجو اندر ڌوئي صاف ڪر. گهڻا ورق پڙهي گهڻا پڙهندين؟
او قابِيلَ! اَکين ۾، توکي باري بانَ؛
اُڀو اَڳرايُون ڪرين، ماڳِ هڻيو مَستانَ؛
جانبَ! تون زيانَ، اَکين سين ايڏا ڪرين
(سُر يمن ڪلياڻ داستان6 بيت:3)
سمجهاڻي:اﻭ ﻗﺎﺑﻴﻞ ! ‏ {ﻗﺎﺑﻴﻞ ﺟﻬڙﺍ ﻗﺎﺗﻞ} ! ﺗﻮﮐﻲ ﺍَﮐﻴﻦ ۾ ﮘﺮﺍ ﺗﻴﺮ ﺁﻫﻦ . ﺗﻮﻥ ﻣﺴﺘﺎﻧﻦ ﻣﭥﺎﻥ ﺳﻨﺪﻥ ﻣﺎﮖ ﺗﻲ ﺋﻲ ﻭﭸﻴﻮ ڏﺍﮂﺍﻳﻮﻥ ڪﺮﻳﻦ . ﺍﻱ ﺟﺎﻧﻲ ! ﺗﻮﻥ ﻧﻴﮣﻦ ﺳﺎﻥ ﻫﻴڏﺍ ﻫﺎﭸﺎ ﭤﻮ ڪﺮﻳن۔
اَڃا تو منجھان، ڪَکَ ڇُتي رتُ نڪري!
منهن ۾ محبوبن جا، ڪئن جَھلِيندي گھاءَ؟
سو تون ڪُڄاڙيا، سِڪَڻَ جون سَڌُون ڪرين؟
(سُر يمن ڪلياڻ – داستان ستون – بيت : 4)
سمجهاڻي:اڃا تنهنجي بت مان هڪ ڪک جي ڇهاءَ سان رت پيو نڪري! تون منهن ۾ معشوقن جا ڪيل گهاءِ ڪئَن سهي سگهندين؟ انهيءَ ڪري تون ڇاجي لاءِ ٿو نينهن جون پچارون ڪرين؟
اَڻَ ڪِي عَيان نه ٿئي، ڪِي پروڙي ڪونَ؛
سچِي جيهِي سونَ، منهن نه پيئِي ماڙهُوئين
(سُر يمن ڪلياڻ داستان 8 بيت 4)
سمجهاڻي:اَڻ ڪيل ڳالهه پڌري نه ٿي ٿئي ۽ ڪيل ڳالهه وري ڪو سمجهي نه ٿو. هيءَ سون جهڙي سچي ڳالهه ماڻهن کي آئڙي ئي نٿي.
اَڻَ ڪِي عَيان نه ٿئي، ڪيِ پروڙي ڪونَ؛
سا سُونهِين ٿئي سونَ، اَمُرُ عطا جنهن جو
(سُر يمن ڪلياڻ داستان8 بيت 5)
سمجهاڻي: اڻ ڪيل ڳالهه ظاهر نه ٿي ٿئي ۽ ڪيل ڳالهه وري ڪو ٻجهي نه ٿو. اها سون جهڙي ڳالهه اُنهيءَ جي سونهون ٿيندي، جنهن جي انگ ۾ روحاني فيض لکيل هوندو.
اَڻ چَوندَنِ مَ چؤ، چَوندَن چيو وسار؛
اَٺـئِي پهرَ اَدبَ سين، پَرِ اِهائي پارِ؛
پايو مُنهن مُونن ۾، غُربت ساڻ گذار؛
مُفتِي منجھ وهارِ، ته قاضيءَ ڪانيارو نه ٿئين
(سُر يمن ڪلياڻ – داستان اٺون – بيت : 12)
سمجهاڻي: نه چوندڙن کي ڪجھ نه چئو ۽ چوندڙن جو چيو وساري ڇڏ، اَٺ ئي پھر نياز سان اھا روشن وٺندي اچ ، گوڏن ۾ ڪنڌ وجھي مسڪيني سان گھار، اندر ۾ فتوا ڏيندڙن (ضمير يا وويڪ) کي بيدار رک ته پوء قاضي جو محتاج نه ٿئين.۔۔
اُڀِرُ چَنڊَ! پَسُ پِرِين، تو اوڏا، مُون ڏُورِ؛
سَڄَڻَ سُتا وِلَھ ۾، چوٽا ڀَري ڪَپُورِ؛
پيرين آئُون نه پُڄڻِي، ٻاٻُل ڏِئي نه ٻُور؛
جنهن تي چڙهِي اَسُورِ، سَنجھي سَڄَڻَ سِيٽيان
(سُر کنڀات – داستان ٻيو – بيت : 3)

اُٺُ نه وڃي وَڳَ سين، چَري نه چانگو؛
لَڳيسِ نائُڪَ نِينهَن جِي، نِهوڙِيو نانگو؛
ڇَڏي سِرَ سانگو، رڙهي رَندِ پِرين جي
(سُر کنڀات – داستان ٻيو – بيت : 13)

اَڄ نه اَڳينءَ ڍارَ، ڪَرَهو جيئن ڪالھ هو؛
اَڱَڻَ آيو نه ڪري، پاهوڙي پَچارَ؛
جيڪُسِ مَنجھ قَطار، ڪا وَلِ چِنائين وِهُ جي
(سُر کنڀات – داستان ٻيو – بيت : 15)

اُٿي اَڙائِينس، ڇڏيو ته ڇيڪَ ٿِيو؛
کارايان، کِـڙِيو وڃي، پَلاڻي پائِينسِ؛
ڏانوَڻِ تنهن ڏائِينسِ، جِئن چَري ۽ چِنگھي ڀُڻو
(سُر کنڀات – داستان ٻيو – بيت : 20)

اِيَ گَتِ غَوّاصَنِ، جِئن سَمنڊُ سوجِھيائُون؛
پيهِي مَنجِھ پاتارَ جي، ماڻِڪَ ميڙيائُون؛
آڻي ڏنائُون، هيرو لال هَٿنِ سين
(سُر سريراڳ – داستان ٻيو – بيت : 7)

اورِيائين آڻِينِ، ميڙيو مُعۡلِمَ خَبرُون؛
سا تان سُڌِ نه ڏِينِ، جتي وَهُ ويڌَ ڪري
(سُر سريراڳ – داستان ٽيون – بيت : 3)

اَچِي سو ڏٺوءِ، جو ڪَپَرُ سوءِ ڪَنَنِ سين؛
سُتي لوڪ لَطِيفُ چئي، يادِ نه ذرو ڪيوءِ؛
غافِلُ ٿِي غُرابَ کي، اوڙاهَ تي آندوءِ؛
سو ڇِتَرُ ڇُوهي کان رَکِين! جو پِيو پُراڻو پوءِ؛
جهازُ ضَعيفَنِ جو، پاڻِيءَ ۾ پَرِتوءِ!
سَيَّدُ! ساٿُ سندوءِ، پُرِ بَندَرِ پَهچائِين
(سُر سريراڳ – داستان ٽيون – بيت : 7)

اَمُلَ آڇِ مَ اُنِ کي، جي نه پَرُوڙِينِ مَٽِ؛
جِتِ گَڏِجيئِي جوهَرِي، ماڻِڪُ تِتَهِين مَٽِ؛
جنِين سونَ سين سَٽِ، تِن هَڻِي رِيُّ رَدِ ڪيو
(سُر سريراڳ – داستان چوٿون – بيت : 5)

اَگِھيو ڪائو ڪَچُ، ماڻِڪَنِ موٽَ ٿِي!
پَلَيءِ پايو سَچُ، آڇِيندي لَڄَ مَران
(سُر سريراڳ – داستان چوٿون – بيت : 8)

اَهُکِي راهَ اَللهَ جِي، اَهُکِي، اَهُکِيءَ ڀَتِ؛
هُوءِ جي ڏيهائِي ڏيہَ جا، تن پڻ مُوڙهي مَتِ؛
آڇاڙانِ اُبَتِ، گِھڙِجِ گھاٽي نِينهَن سين
(سُر سريراڳ – داستان ڇهون – بيت : 6)

اُونهي ۾ اوهِرِي، جڏهن ويا جي؛
موٽِي ماڳِ نه آئِيا، ماءِ! سامُونڊِي سي؛
کارو تنِين کي، جيڪُسِ وَهُ ورِي ويو
(سُر سامونڊي – داستان پهريون – بيت : 8)

اُهِرِيا جِئائِين، ڍُڪَنِ تِن تَڙائيين!
سامُونڊينِ، سائِين! واءُ سَڻائو وارِئين
(سُر سامونڊي – داستان پهريون – بيت : 9)

اُلوڙَڻَ نه ڏِئي، وَرُ وِڌائين وَنجَھ کي؛
رَهُ اَڄوڪِي راتِڙِي، لالَنَ! مُون لائي؛
وَڃُ مَ ڦوڙائي، ايڏي سَفَرِ، سُپرِين
(سُر سامونڊي – داستان پهريون – بيت : 13)

اَڄُ پڻ وايُون ڪَنِ، وَڻِجارا وَڃڻَ جُون؛
هَلڻَ هارا سُپِرِين، رُئان تان نه رَهَنِ؛
آئُون جَھـلِيندِي ڪيترو؟ آيَلِ! سامُونڊين؛
پَڳَہَ ڇوڙي جَنِ، وِڌا ٻيڙا ٻارِ ۾
(سُر سامونڊي – داستان ٻيو – بيت : 1)

اَڱَڻِ آئِيا جان، ته سَرَتِيُون مون سُکَ ٿيا؛
اَمُلَ پِرِينءَ مٿان، ٻَرڪِيو ٻـين ڏيان
(سُر سامونڊي – داستان ٻيو – بيت : 5)

اُڀيُون تَڙَ پُوڄِينِ، وَهُون وَڻجارنِ جون؛
آڻيو اَکا ڏِينِ، کَٿُورِي، سمُونڊ کي
(سُر سامونڊي – داستان ٻيو – بيت : 9)

اسان اُڌارا، آڻي آوَنگَ چاڙِهيا؛
مُنهُن ڏيئِي مُون آئِيا، سَمُهان سِيارا؛
اُڀِرَنِ سيِڪارا، پَسو وَرَ ٻـين جا
(سُر سامونڊي – داستان ٽيون – بيت : 3)

اَدِيُونَ! سڀ اَندامَ، چَڙَنِ مُنهِنجار چورِيا؛
لارُنِ جا لَنؤ لائِي، سا ڪِيئن آڇِيان عامَ؟
لَڳِيس جنهن جي لامَ، سو دِلاسا دوست مُنجي
(سُر سهڻي – داستان چوٿون – بيت : 1)

اَکـيُون مُنهن ميهارَ ڏي، رَکـيُون جن جوڙي؛
رِءَ سَنڊَ، سَيَّدُ چئي، تارِ گِھڙَن توڙي؛
تنين کي ٻوڙي، سائِرُ سَگھي ڪِينَ ڪِي
(سُر سهڻي – داستان پنجون – بيت : 4)

اَلَسۡتُ اَرواحَنِ کي، جَڏهِن چَيائُون؛
مِيثاقان ميهارَ سين، لَڌيُون مُون لائُون؛
سو موٽي ڪِيئن پانهُون؟ جو مَحفُوظان مُعافُ ٿِيو
(سُر سهڻي – داستان ڇهون – بيت : 3)

اَلَسۡتُ اَرواحَنِ کي، جَڏهِن اَمُرُ ڪيو اَحَدَ؛
هو مَنَ ڪاڍو ميهارَ ڏي، سُهڻِيءَ سِڪَڻَ سَڌَ؛
دِلو دَؤرَ دَرِياهَ جي، ڪيو اِرادي اَڌَ؛
جيڪِي آيسِ ڏانهن عَهدَ، سو پاري مُنڌَ پاتارَ ۾
(سُر سهڻي – داستان ڇهون – بيت : 4)

اورارِ نه پَرارِ، ويچارِي وَهَ وِچَ ۾!
سُڪِي ڏَنِيءَ سُپِرِين، ٻِيو مِڙوئِي تارِ؛
تُون گِھڙُ، ڪِيمَ نِهارِ، ٻُڏندَنِ سين ٻاجُھون ڪري
(سُر سهڻي – داستان ڇهون – بيت : 9)

اُڀو تَڙِ ميهارُ، مَلاحنِ سَڏَ ڪري؛
آءٌ پِڻُ وِجھان هَٿَڙا، اَئِين پِڻُ وِجھو ڄارُ؛
گھوريُون ڪارُونڀارُ، مانَ مِلَنِئُون سُپِرِين
(سُر سهڻي – داستان ستون – بيت : 3)

اَڄ ملندِيَس، ماءِ! ڌاڄا ڪَنديَسِ ڪَپڙا؛
جِيجان! جوڳِياڻِي ٿِيان، مون کي جھلَ مَ پاءِ؛
هوتَ ٻَروچي لاءِ، ڪَنين ڪُنِرَ پائِيان
(سُر سسئي آبري – داستان چوٿون – بيت : 5)

اَڌَرِ، نِڌَرِ، اَڀَرِي، اَسُونهِين آهِيان؛
لُڙِڪَ لعۡلَ، لَطِيفُ چئَي، وَرَ لَءِ وَهايان؛
هيجان هَنجُون حَبَ ۾، هوتَنِ لَءِ هارِيان؛
جانِبُ ضَعِيفِيءَ سين، پُنهون پَهايان؛
پِيهان، پَچايان، جي مان نِيو پاڻَ سين
(سُر سسئي آبري – داستان اٺون – بيت : 1)

اَڌرِ، نِڌرِ، اَڀَرِي، آهيان اَسُونهِين؛
پَرَ ڏيهي پِرِين ڪَيا، مَرَڻَ لَءِ مُونهين؛
سَسُئِيءَ کي سَيّدُ چئَي، تَنگُنِ ۾ تُونهين؛
هارِي! ڪِئَن هونهين، رِءَ سَمَرَ سَڌُون ڪَرِين
(سُر سسئي آبري – داستان اٺون – بيت : 2)

اَڌرِ، نِڌرِ، اَڀَرِي۽ سَڌَرِ ٿيُ سچي؛
سُپَڪِ ٿيُ، سَيَّدُ چئَي، پَهڻَنِ مَنجھ پَچِي؛
مَعذُورِ تي مارو ڪيو، اولاڪَنِ اَچِي؛
منجھان راہَ رَچِي، ٿِيَڙِي لالُ، لَطِيفُ چئَي
(سُر سسئي آبري – داستان اٺون – بيت : 3)

اَچِي عِزرائِيلَ، سُتِي جاڳائِي سَسُئِي؛
ٿي ڊوڙائي دَليلَ، ته پُنهون ماڙُهو موڪليو
(سُر سسئي آبري – داستان اٺون – بيت : 4)

اَوَجھڙ اَسُونهَن، ڏيہُ گھڻو ئيِ ڏورِيو؛
سَڳَر رءَ سُونهَن، پهتِي ڪانه پَنڌُ ڪَري
(سُر سسئي آبري – داستان نائون – بيت : 2)

اَدِيُون! وَرُ اُگھاڙَ، وِھانءُ جنھن وِساريو؛
جيڏِيون! ڇڏي جاڙَ، سَڀِ نَنگـيُون ٿي نِڪرو
(سُر معذوري – داستان ٻيو – بيت : 1)

اَجَلان اَڳي، سَسُئِي! مُنڌَ! جِئَريائِي مَرُ؛
ٽولِيان تنھن مَ ٽَرُ، جنھن رُوحُ وِڃايو راہَ ۾
(سُر معذوري – داستان چوٿون – بيت : 3)

اُونچو اُتاھون گَھڻو، جِئَڻَ کي جَبَلُ؛
مَرَڻَ مُون سين ھَلُ، تهَ پُٺِيءَ تو پَنڌُ ڪَرِيان
(سُر معذوري – داستان چوٿون – بيت : 5)

اَڱَڻَ مَٿي اوپِرا، جڏھن ڏاگھا ڏِٺَءِ ڏِينھَن؛
وَٺِي سَڙَڪَ، سَسُئِي! ويھُ وِھاڻِيءَ سِيئَن؛
چوٽي سين چانگَنِ کي، جَڙِ زَنجِيرُن جِيئن؛
ته ھوتُ تُنھنجو ھِيئن، ھوندِ پُنھون نيائُون نه پاڻَ سين
(سُر ديسي – داستان پهريون – بيت : 3)

اَڱَڻَ مَٿي اوپِرا، جڏھن ڏاگھا ڏِينھَن ڏِٺاءِ؛
ڪُنجُون جي قُفِلَنِ جون، تان ڪنھن لَلِ لِڪاءِ؛
ته سُڀا ڻي سَندِياءِ، ٿِئي سارُوڻِي سَسُئِي
(سُر ديسي – داستان پهريون – بيت : 4)

اَڳي اُٺَ رَڙَنِ، مُون ڀيري ماٺِ ٿِئِي؛
پَلاڻِيندي، پاڻَ ۾، ڪُڇِيو ڪِينَ ڪُٺَنِ؛
ڪا جا مامَ مُٺَنِ، ھِنِ پڻ ھُئِي ھُنَ سين
(سُر ديسي – داستان پهريون – بيت : 5)

اُٺَ مَ اوري آڻِ، ڏاگَھنِ ڏَڌِي آھِيان!
ھَڻِي ھَٿُ ھَيَنِ کي، پَري نيئِي پَلاڻِ؛
ھوتُ مُنھنجو ھاڻِ، پُنھون نِيائُون پاڻَ سين
(سُر ديسي – داستان پهريون – بيت : 8)

اُٺَ ويرِي، اوٺارَ ويرِي، ويرِي ٿِـيَڙَمِ ڏيرَ؛
چوٿون ويرِي واءُ ٿِيو، جنھن لَٽِيا پُنھونءَ جا پَيرَ؛
پَنجون ويري سِڄُ ٿِيو، جنھن اُلَهِي ڪِي اَويرَ؛
ڇَھون ويري ڇَپَرُ ٿِيو، جنھن سَنوان ڪَيا نه سيرَ؛
سَتون ويري چَنڊُ ٿِيو، کِڙِيو نه وَڏِيءَ ويرَ؛
واھيري جِي ويرَ، ڇُلُون ڪَرِيان ڇَپَرين
(سُر ديسي – داستان پهريون – بيت : 12)

اَللهَ ڪارَڻِ، اوٺِيا! ليڙا نِيو مَ لُرَ؛
نِيو نِماڻِي پاڻَ سين، ٻانِھِيءَ جَھلي ٻُرَ؛
مُون کي ماري مَنجِھ ٿِي، سَندِي ھوتَنِ ھُرَ؛
ڪَچو لايان ڪُرَ، ڪيچان اوري جي وَران
(سُر ديسي – داستان ٽيون – بيت : 1)

اَسِين پاڻَ پَرِٽَ، پورھِيَتَ پُنھونءَ ڄامَ جا؛
ھوتُ کَٿُورِيءَ ھيرَئون، مُون ۾ صابُڻَ ڇَٽَ؛
آتَڻَ مَنجِھ اُگَھٽَ، ڪانڌُ ڪنھِين جِي مَ ڪَري
(سُر ديسي – داستان چوٿون – بيت : 6)

اَدِيُون! آئُون نه تِيئَن، جِيئَن پِرِيَتَڻو پِرِيُنِ سين؛
ٻَڌِي سُتِيَسِ نه سوگھو، ڇَلۡوَرُ ڇاتِيءَ سِيئَن؛
ڪيچِي ڪاھي ڪَرَھا، مُونھان وَڃَنِ ڪِيئَن؟
ڏوہُ مُنھنجي ڏِينھَن، پُنھونءَ کي ڪا مَ چَئي
(سُر ديسي – داستان ستون – بيت : 8)

اِجۡلِسۡ ڪَري اُٿِيا، تَنوارِيو توڏَنِ؛
نَوۡمَ نَوازِينءَ؛ اُن جي، مَرۡحَبا موڏَنِ؛
رِڙهِي رَسُ روڏَنِ، اَلۡيَوۡم سِيۡرُوۡا، سَسُئِي
(سُر ڪوهياري – داستان پهريون – بيت : 2)

اِيُ ڪَمُ ڪَمِيڻِيَنِ، جِئن سُمَهَنِ پيرَ ڊِگھا ڪَري؛
لوچِين ڇو نه، لَطِيفُ چئي، هارِي! لَءِ هوتَنِ؛
نِنڊان نِڀاڳِينِ کي، اوڀالا اَچَنِ؛
سي پُنهُون ڪوه پُڇَنَ؟ جي سَنجھي رَهَنِ سُمهِي
(سُر ڪوهياري – داستان پهريون – بيت : 6)

اَدِيُون! اَگِھي آهِيان، پِرِيُنِ پُڄاڻا؛
سي ڪوهِيارا ڪيڻِ وِيا، ساڄَنَ سِياڻا؟
جي سَسُئِي سيباڻ، سي وڃِي ڪيچِ قَرارِيا
(سُر ڪوهياري – داستان پنجون – بيت : 2)

اَڃا تُون اَواٽَ، واٽان پاسي ويسِرِي؛
سُونهِين ٿِي سُواٽَ، ته مَنجھان دِلِ دَڳُ لَهِين
(سُر ڪوهياري – داستان ڇهون – بيت : 5)

اُلَهِي سِڄَ اَويرَ ڪِي، ڏِٺائِين ڏونگَـرُ؛
سَسُئِيءَ کي سَيَّدُ چئي، سُورَن جو سَمَرُ؛
ڪُٺَلِ رَکِيو، ڪَرُ، ويچاريءَ وَڻِڪارَ تي
(سُر حسيني – داستان پهريون – بيت : 2)

اُجاڙان ڀَنڀورُ، سَرَتِيُون! سَکَـرُ ڀانـئِيان؛
آرِياڻِي اَتورُ، ڏِٺُمِ جِتِ اکينِ سان
(سُر حسيني – داستان ٽيون – بيت : 6)

اَڳي پوءِ مَران، مَرُ مَران مارَڳَ ۾
مَٿي پوءِ پِرِيان، خُونُ مُنهنجو جيڏِيُون
(سُر حسيني – داستان نائون – بيت : 8)

اُو ڏَمِرِيو ڏِسُ! حِيلو هُنهَنيِن هارَ جو؛
سُڻو سَڀ سَرَتِيُون! وَرُ نه ڪَنهِين وَسِ؛
دَعَوىٰ پَهرِئين دَسِ، ڀَڃِيو ٿو ڀورا ڪَري
(سُر ليلا چنيسر – داستان پهريون – بيت : 10)

اَوَڳُڻ ڪَري اَپارَ، تو دَرِ آيَسِ داسَڙا؛
جِئَن تو رُسَڻَ سنديون رُوحَ ۾، تِئَن مون ڀيڻِي ناهِ ڀَتار؛
سائِينءَ لڳِ، سَتارَ! ميٽِ مَدايُون مُنهِنجيُون
(سُر ليلا چنيسر – داستان ٽيون – بيت : 4)

اُڀي اُڀارِيامِ، نَکَٽَ سَڀِ نَـئِي وِيا؛
هِڪُ مَيو، ٻِيو مينڌِرو، سَڄِي راتِ سارِيامِ؛
ڳوڙها ڳَلِ ڳاڙِيامِ، سُورَجَ شاخُون ڪَڍِيُون
(سُر مومل راڻو – داستان چوٿون – بيت : 2)

اَڱَڻِ آءُ اُڪَنڍِيـين، پرچِي پِيارا؛
پَلَڪَ پَراهُون نه سَهَنءِ، جِيءَ جا جِيارا؛
نِينهان نيزارا، سَڃِ، ته مانَ سُورُ لَهي
(سُر مومل راڻو – داستان ڇهون – بيت : 3)

اوٺِي! ڳوٺِي آڻِئين، ڪو هُتي جو هِتِ هيـرَ؛
ته ڪِنا جي ڪوٽَنِ جا، ٿِــيَنِ سَرها سيرَ؛
آءُ ته اکِيين اُگھان، جي پائُرِ ڏِنَءِ پيرَ؛
اللهَ لَـڳِ لَطِيفُ چئي، لاءِ مَ تُون اَويرَ؛
ڪوٺِيين گهاري ڪير؟ مَحَلين مُنجھي مُون هِنئون
(سُر مارئي – داستان ٻيو – بيت : 2)

اِيَّ نه مارُنِ رِيتِ، جِئَن سيڻَ مَٽائِنِ سونَ تي؛
اچِي عُمرَڪوٽَ ۾، ڪندِيَسِ ڪانَ ڪُرِيتِ؛
پَکَنِ جي پرِيتِ، ماڙيءَ سين نه مَٽِيان
(سُر مارئي – داستان ٽيون – بيت : 8)

اَلا! اِئَن مَ هوءِ، جيئن آءٌ مران بَندَ ۾؛
جُسو زنجِيرَنِ ۾، راتو ڏِينهان روءِ؛
پَهرِين وَڃان لوءِ، پوءِ مَرُ پُڄَنِمِ ڏِينهَنڙا
(سُر مارئي – داستان ڇهون – بيت : 5)

اُڀِي اوسِڙان اُسَ ۾، جَھليو ڪُنَّ ڪِنارَ؛
گھاتُو گَھرِ نه آئِيا، وَڏِي لَڳِـيَنِ وارَ؛
هُيَسِ جنِين هارَ، سي موڙي چَڙِهيا مَڪُڙا
(سُر گهاتُو – داستان پهريون – بيت : 7)

اَئِين جا لُڏو لوڏَ، اِيَ پَرِ گھاتُوئڙَنِ جي؛
ڪُنَّ ڪلاچِيءَ ڪوڏَ، سُکِ نه سُتا ڪَڏهِين
(سُر گهاتُو – داستان پهريون – بيت : 10)

اَللهَ جي آسَ ڪري، هَليو هِيائِين؛
چارَڻَ ٻَڌا چَنگَ کي، جُھوڙا ۽ جھائِين؛
ڏولِي راءِ ڏياچَ جي، ڏُوران ڏِٺائِين؛
وَينَتِي واحِدَ دَرِ، تَنهِن ويرَ ڪَيائِين؛
”سَٻاجها سائِين! راءُ رِيجھائِين راڳَ سين
(سُر سورٺ – داستان پهريون – بيت : 1)

اَڄُ پڻ اُتَرَ پارَ ڏي، تاڙي ڪِي تَنوارَ؛
ھارِيُنِ ھَرَ سَنباھِيا، سَرَھا ٿِيا سَنگھارَ؛
اَڄُ پڻ مُنھنجي يارَ، وَسَڻَ جا ويسَ ڪَيا
(سُر سارنگ – داستان پهريون – بيت : 5)

اَڄُ پڻ اُتَرَ پارَ ڏي، ڪارا ڪَڪَرَ ڪيسَ؛
وِڄُون وَسَڻَ آئِيُون، ڪَري لَعلُ لِبيسَ؛
پِريِن جي پَرِديسَ، مُون کي مِينھَن ميڙِيا
(سُر سارنگ – داستان پهريون – بيت : 6)

اَڄ پڻ اُميدُون، آگَم سَندِيُون اُڀَ ۾؛
ساوَڻُ پَسِي، سَرَتِيُون! سَڄَڻُ سارِيو مُون؛
آئُون آسائِتي آھِيان، مانَ ڀِڄائي ڀُون؛
گَھرِ ته گُھرجِين توُن، مُندَ مڙيئِي ميِنھَن جِي
(سُر سارنگ – داستان پهريون – بيت : 7)

اُتران ٿي آئِــيُون، ڪَري ھَڪَلَ ھُوءِ؛
ڀَري تَلَ تَرائِيون، جوڙي ھَلِيُون جُوءِ؛
پَسو جا پَٽَنِ ۾، کَٿورِيءَ خوشِبُوءِ؛
اَچي رُوبرُوءِ، اُٺِـيُون روضي تان رَسُولَ جي
(سُر سارنگ – داستان پهريون – بيت : 8)

اَڱَڻِ تازِي، ٻَھَرِ ڪُنڍِيُون، پَکا پَٽِ سُنھَنِ؛
سُرَھِي سيجَ، پاسي پِرِين، مَرُ پِيا ميِنھَن وَسَنِ؛
اَسان ۽ پِرِيَنِ، شالَ ھُوَنِ بَرابَر ڏينِھَڙا
(سُر سارنگ – داستان پهريون – بيت : 12)

اَڄُ رَسِيلا رَنگَ، بادَل ڪَڍِيا بُرجَنِ سين؛
سازَ، سارَنگِـيُون، سُرَندا، وَڄائي بَرُ چَنگَ؛
صُراحِيُون سارَنگَ، پَلِٽِـيُون راتِ پَڌامَ تي
(سُر سارنگ – داستان ٻيو – بيت : 5)

اُوڇڻَ گُھرِجي آجِڪو، جُھوپو سَھي نه سِيُ؛
سُڻائِج سُوَڙَ کي، حالُ مُنھِنجو ھِيُ؛
اَڱڻَ آيو ٿِيُ، ته ڍولِيا! ڪَنھن ڍَنگِ ٿِيان
(سُر سارنگ – داستان ٽيون – بيت : 6)

اَندَرِ جُھڙُ جُھورِ وَھي، ٻَھَرِ ڪَڪَرُ نه ڪوءِ؛
وَسائِيندي وِڄُڙي، حُبَّ جنِين کي ھوءِ؛
لالَنُ جنِين لوءِ، تن اوڪاڻِين نه اَکــيُون
(سُر سارنگ – داستان چوٿون – بيت : 9)

اُڀِرَنۡدي ئِي سِجِ، پِرِين جي نه پَسَندِيُون؛
ڪَڍِي ٻيئِي ڏِجِ، اَکَڙِيُون ڪانگَنِ کي
(سُر آسا – داستان ٻيو – بيت : 1)

اَکِـيُون عَلَي الصَّباح، دوستُ ديکَڻَ آئِيُون؛
اُڀِيندِيُون اَرِداسَ ۾، ٻِي نه ڪَندِيُون ڪاءِ؛
رَچَندِيُون رِءَ پاهَ، پَرِچَندِيُون پِرِينءَ سين
(سُر آسا – داستان ٻيو – بيت : 4)

اَکَڙِيُون اَکَڙِيُنِ تي، ڏَمَرَ ڏوسَ ڪَرِينِ؛
جيلانہَ سِڪَڻُ سِکِـيُون، تيلانہَ دَعوىٰ مَنجِھ دَڙِينِ؛
کِلَنِ ۽ کَرِينِ، رُسَنِ پَرۡچَنِ پاڻَ ۾
(سُر آسا – داستان ٻيو – بيت : 6)

اَکِيُنِ کي آئُون، جان ڪِي جُھلُون پائِيان؛
لوڪُ لَتاڙي نِنڊَ ۾، ساڄَنُ سوٺائُون؛
مُون کي مارِيائُون، پاڻَ پَرِچِي آئِـيُون
(سُر آسا – داستان ٻيو – بيت : 7)

اَکِيُنِ پَنهَنجِي مَتِ، پاڻَ سين پاڻَهِين ڪَئِي؛
اُتي وَڃِي لَڳِـيُون، جِتي جانِ کَـپَتِ؛
نَه ڪا ڳالِھ نه ڳَتِ، جِيَّ ڏِني رِءَ نه جُڙي
(سُر آسا – داستان ٻيو – بيت : 8)

اَکَڙِيُنِ آرو، مُونهان پُڇِي نه ڪَيو؛
اُتي وَڃِي اَڙِيُون، جِتي چَوَڻَ نه چارو؛
هِينئَڙو ويچارو، واٽُون جَھلِيو وِجُھلي
(سُر آسا – داستان ٻيو – بيت : 9)

اَکِ اُلِـٽِي ڌارِ، وَنءُ اُلِٽو عامَ سين؛
جي لَهِوارو لوڪُ وَهي، تُون اُوچو وَھُ اوڀارِ؛
مَنجھان نُوچَ نِهارِ، پُرُ پُٺِيرو پِرِينءَ ڏي
(سُر آسا – داستان ٻيو – بيت : 10)

اَکِـيُون سي ئِي ڌارِ، جِنِ سان پَسِين پِرِينءَ کي؛
ٻِئي ڏانهن ڪِيمَ نِهارِ، گَھڻو رِيسارا سُپِرِين
(سُر آسا – داستان ٻيو – بيت : 12)

اَکِيُنِ ۾ ٿِي ويھُ، ته آئُون واري ڍَڪِيان؛
توکي ڏِسي نه ڏيھُ، آئُون نه پَسان ڪِي ٻِيو
(سُر آسا – داستان ٽيون – بيت : 6)

اَسِين سِڪُون جن کي، اَسِين پُڻِ سيئِي؛
”لَمۡ يَلِدۡ وَلَمۡ يُوۡلَدۡ“، وَنءُ اوڏانهِين پيهِي؛
تِهان مَنجھيئِي، پارِکَ! پَرِکِجِ حَقَ کي
(سُر آسا – داستان چوٿون – بيت : 2)

اِنَ پَرِ نه اِيمانُ، جِئَن ڪَلِمي گو ڪوٺائِيين؛
دَغا تُنهِنجي دِلِ ۾، شِرۡڪ ۽ شَيطانُ؛
مُنهَن ۾ مُسَلمانُ، اَندَرِ آذَرُ آهِئين
(سُر آسا – داستان چوٿون – بيت : 5)

اُٺي جِئَن مورَنِ، اوڀَرَ وَلَھارَنِ ۾؛
سا پَرِ گُوندَرَ ڪَنِ، جُه ڦوڙائو سَڄَڻين
(سُر رپ – داستان پهريون – بيت : 4)

اَندَرِ اَندَرِيُون، جِئَن سي وانجِھيءَ لَٺِ ۾؛
مُون تَنَ تيترِيُون، ته ”ڪِئَن مِلِبو سَڄَڻين
(سُر رپ – داستان ٻيو – بيت : 4)

اُتَرُ اوتُون ڏي، نه مُون سَوَڙِ نه گَبـَرو؛
سِيُّ سارِينديُون سي، جنِين نِڌَرَ نـِجُھرا
(سُر رپ – داستان ٻيو – بيت : 7)

اُتَرُ ڏِني اوتَ، نه مُون سَوَڙِ، نه گَبـَرو؛
چارَئي چُنِـيءَ پوتَ، مُون ريڙھِيندي راتِ گَئِي
(سُر رپ – داستان ٻيو – بيت : 8)

اَچِي پِيا آٽ ۾، واٽَ وِڃائِي جَنِ؛
اُوءِ بصِيرَ بَرَّنِ ۾، اَنڌا ٿِيو اُڀَنِ؛
ڪَنَن آڏِيُون تاڙِيُون، گُنگَن جِئَن گُھمَنِ؛
فِراقِيءَ فرمان جو، آهي ٻَرُ ٻوڙَنِ؛
لَنگھا ٿِيا لاهُوتَ کي، سُتا پِيا سِڪَنِ؛
کَـپَتِ کاهوڙِيَنِ، آهَ اُٿِئي پئي نه لَهي
(سُر کاهوڙي – داستان ٽيون – بيت : 1)

اَڄُ پِڻُ اَنگِـيَمِ اَنگَ، ھٿان حَبِيبَنِ جي؛
جا پَرِ سَوۡنٽِيءَ سَنگَ، سا پَرِ سُورَنِ سان ٿِـئِي
(سُر بروو سنڌي – داستان ٻيو – بيت : 8)

اَڄُ پِڻُ جُڙِيَمِ جوڙَ، دوسِتُ پيهِي دَرِ آئِيو؛
سُکَنِ اَچِي ڏُکَنِ کي، مُحۡڪَمُ ڏِنِي موڙَ؛
جا پَرِ کَٽِيءَ کوڙَ، سا پَرِ سُورَنِ سان ٿِـئِي
(سُر بروو سنڌي – داستان ٻيو – بيت : 9)

اچين جي ھيڪار مون ساريندي سپرين؛
پيرين ڌريان پنبڙيون ھنڌ وڇايان وار؛
ساجن سڀ ڄمار ھوند گولي ٿي گذاريان،
(سر بروو سنڌ)—————–!

اَٺين ڏِينهن، اُڀِي وِيا، جوڳِي جاءِ بَجاءِ؛
سا پَرِ سامِي سکيا، جا پَرِ جوڳَ جُڳاءِ؛
ويروتارَ وُجودَ ۾، اُنِ کي رامُ رَهيوئِي آهِ؛
ڪَنهن جَنهن ڪمائِي لاءِ، لِڪا ڀُڻَنِ لوڪَ ۾
(سُر رامڪلي – داستان ٻيو – بيت : 8)

اَسُکُ جِن اَويرَ، سي سانجِھيءَ رَهَنِ سُمهِي؛
لاهُوتِي لَطِيفُ چئي، آڌِي ِڏيَنِ اُليرَ؛
سُتو لوڪُ پَسي پِيا، سامي مٿي سَيرَ؛
ڪيڏانهُن ڪندا پيرَ؟ مِڙوئي مٿو ٿيو
(سُر رامڪلي – داستان ستون – بيت : 4)

اَڄُ نه اوطاقُنِ ۾، جاڳَـرُ جوڳِـيَڙَنِ جو؛
ساري سَناسِيُنِ کي، رُئَندين تان رو؛
پَسُ! پارِيان تو، لاهُوتِي لڏي وِيا
(سُر رامڪلي – داستان اٺون – بيت : 4)

اَڄُ نه اوطاقُنِ ۾، طالِبَ تَنوارِينِ؛
آديسِي اُٿِي وِيا، مَڙهِيُون مُون مارِينِ؛
جي جِيَّ کي جِيارِينِ، سي لاهُوتِي لَڏي وِيا
(سُر رامڪلي – داستان اٺون – بيت : 5)

اَڄُ نه اوطاقُنِ ۾، سندي جوڳِـيُنِ جوڙَ؛
ساري سَناسِيُنِ کي، کامِي ٿِـيَسِ کوڙَ؛
مَنَ جنِين سين موڙَ، سي لاهُوتِي لڏي وِيا
(سُر رامڪلي – داستان اٺون – بيت : 6)

اَڄُ نه اوطاقُنِ ۾، ڪَرڳَل ڪِينَ رُوئَنِ؛
نه اُهي آديسِي اَسُکا، جن سين مَڙهِيُون سُونهَنِ؛
مَڙُھُ پُورِيائُون ماٺِ تي، واڄَٽَ ڪِينَ وَڄَنِ؛
(سُر رامڪلي – داستان اٺون – بيت : 7)

اَڄُ نه اوطاقُنِ ۾، دُونهِين، ڌُنڌُ، نه لاٽَ؛
وِيا ويراڳِي، نِڪِرِي، چِتَ چَکائي چاٽَ؛
آءٌ مارِيَسِ تَنهِين ماٽَ، جِيجان! جوڳِـيَڙَنِ جي
(سُر رامڪلي – داستان اٺون – بيت : 9)

اَکِـيُون، آلو ماهُ، سدا سَناسِيُنِ جُون؛
واري نيڻَ نِنڊاهُ، جاڳي جَھـلِيا جوڳِـئين
(سُر رامڪلي – داستان نائون – بيت : 9)

اڃا سي آهِينِ، جي سَزاوارَ سِڱِيُنِ جا؛
ويٺا وَڄائِينِ، جي سَنِاسِي! سُڻِئين
(سُر رامڪلي – داستان نائون – بيت : 10)

اَندَرِ رِلا رِليُون، ٻَهَرِ پَٽولا؛
اِنَ پَرِ ڪاپَڙِي، گَڏَهَ جا گولا
(سُر رامڪلي – داستان نائون – بيت : 25)

اَڄُ پڻ اُجَھڻَ کي مَرِين، نَڪِي ڪِتُءِ ڪالَ؛
ڀوري! توسين ڀالَ، ڪانڌُ ڪَرِيندو ڪيترا
(سُر ڪاپائتي – داستان پهريون – بيت : 5)

اَڄُ پڻ اُجَھڻَ کي مَرِين، نَڪِي ڪِتُءِ ڪالَ؛
مونا اُٺجِي اُکَڙِيا، اَرٽَ ڍَرڪِي مالَ؛
هَيءِ! تنِين جي حالَ، جن ڪاپي منجھان ڪِينَ ڪَيو
(سُر ڪاپائتي – داستان پهريون – بيت : 6)

اولياڻِيانِ اَرَٽَ، ڪيڏانهن ڪَتَڻَ واريون؟
پَهيُون مٿي پَٽَ، لُڙِجَنِ لاکِيڙَنِ جُون
(سُر ڪاپائتي – داستان پهريون – بيت : 17)

اکڙيُون اوڙاهَ ۾، اُڀو تَڪي تارِ؛
پِٿُون جي پاتارِ، هَنجُ تنِين جو هيرَئُون
(سُر ڪارايل – داستان پهريون – بيت : 3)

اڇو پاڻِي لُڙُ ٿِيو، ڪالُورِيو ڪَنگَنِ؛
اِيندي لَڄَ مَرَنِ، تَنهِن سَرَ مٿي هَنجَڙا
(سُر ڪارايل – داستان پهريون – بيت : 6)

اِيُّ نه ڀانَنِ ڀيرُ، جِئَن ڪينَرُ ڪِيرِيءَ ٽَنگِيو؛
سُونهاري صُبُوحَ سين، وِجِھي ويٺين ويرُ؛
توکي چَوَندو ڪيرُ، ڪِيرَتَ ڌاران مَڱَـڻو
(سُر پرڀاتي – داستان پهريون – بيت : 1)

اُتِ ڪِرِتِ وارا ڪيتِرا، ڪِرِتِ ڪَبو ڪوهُ؟
جيڪِي بَندو ڪَمُ ڪري، سو مِڙوئِي ڏوهُ؛
تون پارِسُ، آءٌ لوهُ، جي سَڃِين ته سونُ ٿِيان
(سُر پرڀاتي – داستان پهريون – بيت : 8)

اُٿِيو اَٻوجھاءُ، سَپَڙَ جو سَڏُ ٿِيو؛
جِئَن اَئِين ڪِيرَتَ ڪَٽُ نه سِکِيا، تِئَن پاڻا رِيڌو راءُ؛
مڱو مون مُلاءُ، آءٌ اَوهان جو آهِيان
(سُر پرڀاتي – داستان پهريون – بيت : 9)

اُڀِرِيو تارو، اُٿِي وَرَ وِهاڳُ ڏي؛
سَپَڙُ رِيسارو، چِتِ پَرِکي چارَڻين
(سُر پرڀاتي – داستان پهريون – بيت : 19)

اڄُ اَڱَڻُ ڪيڻانِ، آسَرَ لَڳِي سورِيانِ؛
ڏُونگَرِ ڏِينهَن لَڳانِ، مانَ وَرِڪَنِ سُپِرِين
(سُر ڏهر – داستان ٻيو – بيت : 5)

اَللهَ جِئن نالوءِ، تِئن مُون وَڏو آسِرو؛
خالِقَ! تُنهِنجي کاندِ جو، پَرو پاندُ نه ڪوءِ؛
نالو، ربَّ! سَندوءِ، رَهِيو آهِمِ رُوحَ ۾
(سُر ڏهر – داستان ٻيو – بيت : 6)

اُتَرَ ڏي آلاپَ، ڪالَهُونڪَرَ ڪُونجَ ڪَري؛
پِرِين پَسِي مَنجِھ خوابَ، وِهاڻِيءَ وايُون ڪَري
(سُر ڏهر – داستان چوٿون – بيت : 8)

اَبڙو اَڳاهَنِ ۾، ڀَرَ جَھلو ڀارِي؛
سَمي سُوالِيُنِ کي، ويلہَ وسارِي؛
مَنَهَن مُنِي جَکرو، طامائُنِ تارِي؛
پُڇي سي پارِي، جي عاجِزَ اَجورَنِ ۾
(سُر بلاول – داستان پهريون – بيت : 10)

ابڙو اَڳاهَنِ ۾، سَڀَرُ جِئَن ٻيلي؛
سي پَٽَ ڪَنهِن نه پُورِيا، جي ٿو ڀَڙُ ڀيلي؛
سَڄَڻَ سانوَڻَ مِينهَنءَ جِئَن، رُڄُون ٿو ريلي؛
اَچَنِ جي ويلي، تِنِ بورَ بَخِشي ڀِٽَ ڌَڻِي
(سُر بلاول – داستان پهريون – بيت : 11)

اَبڙو وَڏ َوَڙو، سُوَڙو، سَمو، سُونهن سَڀَنِ؛
تَنهِن دَرِ سَڀ اَچَنِ، ڪَنڌُ نه ڪَڍي ڪَڇَ ڌَڻِي
(سُر بلاول – داستان پهريون – بيت : 12)

اَلا! جُنگَ جِيَنِ، جنِين اَجھي گھارِيان؛
شالَ مَ سُڪي ويئَرِي، جِئان پِيَّ پِيَنِ؛
مَرَڪَڻَ! اَکَڙِيَنِ، تو ڏِٺي مُون سُکُ ٿِئي
(سُر بلاول – داستان ٽيون – بيت : 2)

اِيندي لَٿِي اُڃَ، پيرَ پـَيرِيندي ٺَرِيا؛
مَنجِھ ويئَرِيءَ سُڃَ، ڪَرَ لڌِي رِڻُ اُڪارِيـين
(سُر بلاول – داستان ٽيون – بيت : 3)

اَسُورَ سَندي آسِري، ويٺو آهِ وڳَندُ؛
هَڏِ نه ڇَڏِيندو هَنڌُ، آيَسِ بُوءِ بَهارَ جِي
(سُر بلاول – داستان چوٿون – بيت : 3)

اَسُورَ سَندو آسِرو، وَڳَندَ کي وَڏو؛
جُسي ۾ جَڏو، پر کِـيَڻَ تي کُڙا کڻي
(سُر بلاول – داستان چوٿون – بيت : 4) (هلندڙ)

پهنجو تبصرو موڪليو