لاڪ ڊائون سبب يو فون پاران مفت واٽس ايپ سروس

لاڪ ڊائون سبب يو فون پاران مفت واٽس ايپ سروس

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان جي موبائل فون ڪمپني يو فون پريپيڊ صارفين کي ملڪ ۾ لاڪ ڊائون هئڻ سبب مفت واٽس ايپ سروس ڏين جو اعلان ڪيو آهي. يو فون جي اها آفر حاصل ڪرڻ لاءِ  *987# ملائي اها سروس ايڪٽيويٽ ڪري سگهجي ٿي.

ٽوئٽر تي جاري ڪيل پيغام ۾ ڪمپني چيو آهي ته لاڪ ڊائون سبب ماڻهو گهرن ۾ موجود آهن ۽ هن ڏکئي وقت ۾ ڪمپني کين پنهنجي پيارن سان رابطي جي مفت سهولت فراهم ڪري رهي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو