قديمي ثقافتي مقبري جو ڪم نه ٿي سگهيو، آيل پئسا هڙپ

پکو (عبدالوحيد ميئو) گھوگھارو ۾ سالن کان پراڻي قديمي ثقافتي آثار مقبري نما قبعي جو مرمتي ڪم ثقافت ۽ آرڪيالاجي کاتي پاران عدم دلچسپي سبب اڌ ۾ رڪجي ويو، لکين روپين جو ٽينڊر منظور ٿيڻ باوجود ٺيڪيدار قديمي ماڳ جي مقبر کي نالي ماتر سيمينٽ سان نشان لڳائي اڌ ۾ ڇڏي ڏنو، جڏھن ته قديمي ماڳ جي مقبري مٿان منارن کي رنگ روغن توڙي ٻيو ضروري ڪم نه ٿيڻ ڪري تاريخي ماڳ سخت متاثر ٿيڻ لڳو آھي، در ديوارون نه لڳڻ ڪري رولو جانور سڄو ڏينھن آثار قديمه اندر قبرن جي لتاڙ ڪري بيحرمتي ڪرڻ لڳا آھن، ان حوالي سان ساڃاھ وندن ذولفقار علي، مير ماجد علي، گوھر گدائي، منصور احمد ۽ ٻين ٻڌايو ته ٻه صديون پراڻي قديمي ماڳ گھوگھارو جي مقبري جي سنڌ سرڪار توڙي ثقافت کاتي ڪا به سار نه لڌي آھي , ھن قديمي ماڳ سان ھر دور ۾ ثقافت ۽ آرڪيالاجي کاتي ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ رکيو آھي تازو سنڌ سرڪار ھن قديمي ماڳ جي مرمت لاءِ لکين روپين جي بجيٽ مقررڪري ٽينڊر منظورڪيو پر ٺيڪيدار ھن قديمي ماڳ کي به نه بخشي انگريزن جي وڃڻ بعد ھي قديمي ماڳ سنڌ سرڪار جي نظرن کان اوجھل ٿي ننڌڻڪو بڻجي ويو آھي ساڃاھ وندن سنڌ سرڪار ۽ ثقافت کاتي کان پرزور مطالبو ڪيو ته قديمي مقبري جو ڪم مڪمل ڪرائي تاريخي ورثي کي بچايو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو