قتل ڪيس ۾ ٻن سڳن ڀائرن کي عمر قيد جي سزا

ميهڙ (غلام حسين پنھور) عدالت قتل جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ٻن سڳن ڀائرن کي عمر قيد جي سزا ڏئي ڇڏي. فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج ميھڙ غلام ياسين ڪولاچي جي عدالت قتل ڪيس جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ٻن سڳن جوابدار ڀائرن عبدالغني ڏيپر ۽ عبدالسميع ڏيپر کي عمر قيد ۽ 2 لک ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي آھي جڏھن ته سزا هيٺ آيل جوابدار  زخمي ٿيل فاروق ڏيپر  کي هڪ هڪ لک ڏنڊ جي رقم  ڀري ڏيندا. واضح رهي ته سزا هيٺ آيل  جوابدارن 4  سال اڳ ميهڙ ڀرسان ڳوٺ ٺارو ڏيپر ۾  پنهنجي سئوٽ ۽ ڀيڻيوي عبدالجبار ڏيپر کي زميني تڪرار تان قتل ڪيو ھو ۽ هڪ ڄڻي فاروق ڏيپر کي زخمي  ڪيو هو. عدالت سزا هيٺ آيل  جوابدارن کي غير قانوني هٿيار رکڻ جي الزام ۾ وڌيڪ 10 سال ۽ هڪ لک روپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي آھي جڏھن ته قتل ڪيس ۾ ڏيکاريل وڌيڪ هڪ جوابدار اڳ ئي پنهنجي طبي موت دوران فوت ٿي چڪو آھي ڏيپر برادري جي سڳن سئوٽن ۾ جاري تڪرار تان ڪيترائي ڀيرا ميڙ منٿ جا قافلا به ويا پر راڄوڻي سرچاءُ نه ٿي سگهيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو