قتل جي ڏوهه ۾ جوابدار کي ٻه ڀيرا ڦاهي جي سزا

شهدادڪوٽ (ن س) ماڊل ڪورٽ جي جج شاهد علي ميمڻ جي عدالت مقتول ليمون جاگيراڻي ۽ مقتولا ريشمان جاگيراڻي جي قتل جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدار منظور جاگيراڻي کي ٻه ڀيرا ڦاهي ۽ ڏهه ڏهه لک روپيه ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي ، ڏنڊ نه ڏيڻ جي صورت ۾ 2 سال وڌيڪ قيد ڀوڳيندو. 2013 ۾ پي ايس اي سيڪشن ٿاڻي جي حد ۾ زمين تي هارپو ڪرڻ دوران جوابدار منظور جاگيراڻي بندوق جا فائر ڪري مقتولن کي قتل ڪيو هو جنهن ڪيس جي ٻڌڻي ٿي جنهن جي دوران ڄاڻايل فيصلو ٻڌايو ويو. واضح رهي ته جوابدار منظور جاگيراڻي گهريلو ڳالهه تان پنهنجي پٽ گلڻ سان جهيڙو ڪيو هو جنهن کي ڇڏائڻ تان مقتول ليمون جاگيراڻي تي ڪاوڙيل هو جنهن تان مڇرجي هن مقتول مٿان فائر ڪيا جنهن کي بچائڻ دوران مقتولا ريشمان به قتل ٿي وئي هئي جنهن جو ڪيس مقتول جي ڀاءَ محمد ايوب جاگيراڻي جي فرياد تي 6 سال اڳ اي سيڪشن ٿاڻي تي داخل ٿيل هو.

پهنجو تبصرو موڪليو