نوشهروفيروز (ڪورٽ نيوز) ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ قتل جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدار علي وڌايو شر کي عمر قيد ۽ 2 لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي. هالاڻي ٿاڻي تي 6 سال اڳ فريادي غازي خان شر ڪيس داخل ڪرايو هو ته سڱاوتي تڪرار تان علي وڌايو شر، مختيار علي ۽ ٻين جوابدارن منهنجي پٽ مقتول جئندو شر کي قتل ڪيو هو. ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ ۾ ٻڌڻي دوران فريادي جي وڪيل ايڊووڪيٽ عبدالقادر خانزادو پنهنجا دليل ڏنا جنهن تي عدالت ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدار کي عمر قيد ۽ 2 لک رپيا ڏنڊ جي سزا ڏني. ساڳئي ڪيس ۾ جوابدار مختيار ۽ ٻيا روپوش آهن.










