فيس بڪ ۽ انسٽاگرام سروس سڄي دنيا ۾ متاثر، صارف پريشان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) دنيا جي مقبول ترين سماجي رابطن جي ويب سائيٽ فيس بڪ ۽ ان جي ملڪيت هيٺ رهندڙ فوٽو شيئرنگ ايپ انسٽاگرام جي صارفين کي مختلف فيچرز استعمال ڪرڻ ۾ مشڪلاتون پيش اچي رهيون آهن. فيس بڪ ۽ انسٽاگرام مڪمل طور تي ڊائون ٿيڻ بجاءِ مخصوص فيچرز جي استعمال ۾ صارفين کي ڏکيائون پيش اچن ٿيون. انسٽاگرام تازو هڪ ٽوئٽ ۾ اعتراف ڪيو آهي ته اسان ان ڳالهه کان آگاهه آهيون ڪجهه ماڻهن کي هن وقت فيس بڪ فيملي ايپس بشمول انسٽاگرام تائين رسائين ۾ مشڪلاتون پيش اچي رهيون آهن اسان ان حوالي سان ڪم ڪري رهيا آهيون تاڪه حالتون جلد کان جلد معمول تي اچي وڃن. ويب سائيٽ جي ٽريڪنگ ڪندڙ سائٽ ڊائون ڊيٽيڪٽر مطابق سڄي دنيا ۾ انسٽاگرام صارفين جون ان حوالي سان شڪايتون ڪيون آهن جنهن جو تعداد لڳ ڀڳ 600 کان وڌيڪ آهي. فيس بڪ ميسيجنگ ايپ ميسنجر ۾ به صارفين کي مختلف مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي پر هن مهل تائين واٽس اپ تمام بهتر هلي رهيو آهي. سڄي دنيا ۾ يعني يورپ، آمريڪا، پاڪستان، جنوبي آمريڪا ۽ ايشيا سميت ٻين ملڪن ۾ صارفين کي فيس بڪ ۽ انسٽاگرام جي استعمال ۾ مشڪلاتون درپيش آهن. پاڪستان ۾ فيس بڪ ۽ انسٽاگرام صارفين سوشل ميڊيا ڪم نه ڪرڻ تي ٽوئٽر جو رخ ڪيو آهي مختلف ٽوئيٽ ڪيا ۽ انسٽاگرام ۽ فيس بڪ ڊائون ٽاپ ٽرينڊ به ڪرڻ لڳا آهن. خيال رهي ته فيس بڪ ۾ اهڙا مسئلا ڪيترن ئي ايپس کي متاثر ڪندا آهن جيڪي ان سان ڳنڍيل هوندا آهن جڏهن ته سڄي دنيا ۾ اربين صارفين ان کان متاثر ٿيندا آهن جيڪي ان ايپس تي انحصار ڪندا  آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو