فراڊ ڪندڙ نجي بئنڪ خلاف کاتيدارن جو احتجاج

ڇور (ن س) ٽيلينور بينڪ پاران قرض ڏيڻ بهاني ڪيترين ماڻھن پاران رکيل سون ۽ ٻيو سامان ضبط ڪري ماڻهن سان دوکو ڪرڻ خلاف ڇور ۽ آسپاس جي ڳوٺاڻن پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪندي امير حسن نھڙي، احمدعلي نھڙي، نواز نھڙي، عمر اعجاز، حيات منڱھڻار، عارف ۽ ٻين  چيو ته اسان طرفان غربت ۽ بيروزگاري سبب ڇور شهر ۾ قائم ٽيلينور ڪمپني جي بينڪ ۾ پنهنجا سونا زيور، سامان ۽ ڪاغذ رکي لون وصول ڪيو هو جيڪو لون واپس ڏيڻ باوجود بينڪ جي عملي پاران اسان طرفان بينڪ ۾ رکيل سون ۽ ٻيو سامان واپس ڏيڻ بجاءِ ضبط ڪري ڇڏيو آهي جيڪو اسان سان وڏو فراڊ آهي. اسان سخت پريشان آهيون بار بار بينڪ وڃون ٿا تي هتي موجود بينڪ جا عملدار اسان جي بيعزتي ڪري ڌڪا ڏئي ٻاھر ڪڍي ڇڏن ٿا جيڪا وڏي ناانصافي آهي. اسان اعليٰ اختيارين کي اپيل ڪريون ٿا تي فورن اهڙي بينڪ عملدارن خلاف ڪارروائي ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو