عورت جيان جذبن سان ڀرپور سيڪيس روبوٽ“ايما” وڪري لاءِ تيار

لنڊن (ويب ڊيسڪ) مصنوعي ذهانت جي شعبي ۾ ايتري ته ڊوڙ وڌي وئي آهي جو هاڻي انسان نما سيڪس روبوٽ جي تياري ۾ روز نيون خبرون ٻڌڻ لاءِ ملن ٿيون. سيڪس ڊالز يعني جنسي تسڪين بابت گُڏين جو ذڪر ته وڏي عرصي کان اسين ٻڌون پيا پر هاڻي عورت جيان بُبن، ساهه کڻڻ، شوڪار ڀرڻ، هٿ، ٻانهن ۽ ٽنگون لوڏڻ سميت سمورا عضوا انسان جيان حرڪت ڪرڻ واري “ايما” نالي سيڪس روبوٽ مارڪيٽ ۾ اچي ويو آهي. ساڍا ٽي لک ڊالر ۾ برطانيا م وڪرو ٿيندڙ هي روبوٽ “ اي ون الٽيڪ” نالي ڪمپني تيار ڪيو آهي. لنڊن جي ٽيبلائڊ ڊيلي اسٽار جي رپورٽ موجب ايما روبوٽ مختلف شڪلن، رنگت ۽ باڊي جي صورت ۾ دستياب آهن، يعني ٿلهي، سنهي، ڊگهي ۽ بندري قد سميت هر نوعيت جي شڪل جا ماڊل وڪرو ٿي رهيا آهن. ڪلائوڊ ڪلائيميڪس نالي ڪمپني جي مينجر اخبار کي ٻڌايو ته اي ون الٽيڪ جا برطانيا ۾ هو واحد ايجنٽ آهن جڏهن ته سندن ڪمپني سيڪس ڊالز ٺاهيندڙ  هڪ ڪمپني “ڊي ايس ڊالز روبوٽڪ” جا سڄي يورپ لاءِ واحد ايجنٽ آهن. ياد رهي ته ان کان اڳ ۾ “سمانٿا” نالي سيڪس روبوٽ جا چرچا هئا.

فوٽو سينثيا ايماٽس

جنهن بابت به چيو ويو هو ته هوءَ عورت جيان ناز نخرا به ڪري ٿي ۽ سيڪس جو موڊ نه هجن جي صورت ۾ انڪار به ڪري ٿي. انساني جذبن، خواهشن، چُم چٽ سميت هوءَ هر  ڪم ائين ڪري ٿي جيئن هڪ عورت ڪندي آهي. دنيا ۾ ان معاملي تي بحث پيو هلي ته مصنوعي ذهانت جي ان ڊوڙ ۾ انسان جي اهميت گهٽجي سگهي ٿي. ڪجهه وقت اڳ اهي به خبرون آيون ته مشهور پورن اسٽار ڪورينا ڪوا جي هم شڪل سيڪس روبوٽ مارڪيٽ ۾ اچي رهيو آهي، جنهن بابت پورن اسٽار جو چوڻ هو ته ان سان سندس مداحن کي هن سان مشابهت رکندڙ روبوٽ سان سيڪس ڪري کين تسڪين ملندي. مصنوعي ذهانت واريون سيڪس روبوٽ تيار ڪندڙ ڪمپنيون مشهور ماڊلز، اداڪارائن ۽ گلوڪارائن جي شڪل جا روبوٽ تيار ڪري سگهن ٿيون جنهن عيوض هو انهن ماڊلز ۽ اداڪارائن کي وات گهريا پئسا آفر ڪري رهيون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو