عدالت پاران سنڌي ادبي سنگت جي چونڊ جو حڪم

حيدرآباد(پ ر) جسٽس محمد شفيع صديقي ۽ جسٽس محمد فيصل ڪمال عالم تي مشتمل سنڌ ھاء ڪورٽ حيدرآباد جي ڊويزن بينچ سنڌي ادبي سنگت جي جنرل سيڪريٽري احمد سولنگي کي چونڊون ڪرائڻ جي هدايت ڪئي آهي. اهڙو بيان سنگت جي ترجمان آزاد انور ڪانڌڙو جاري ڪيل بيان ۾ ڪيو آهي. ڪيل غلام النبي جروار معرفت داخل ڪيل درخواست تي عدالت ٻئي ڪنهن به گروپ کي سنڌي ادبي سنگت جو نالو ۽ لوگو استعمال ڪرڻ کان روڪيو آهي ۽ چيو آهي ته سنڌي ادبي سنگت جي آئين موجب احمد سولنگي چونڊيل جنرل سيڪريٽري آهي ۽ ان حيثيت ۾ هو مجاز آهي ته سنگت جون چونڊون ڪرائي. ترجمان چيو ته عدالتي فيصلي بعد اميد آهي ته گروپنگ ختم ڪري سڀ گروپ هڪ سنگت واري اصول  تي عمل پيرا رهندي چونڊ عمل جو حصو بڻبا. ياد رهي ته سنگت جي آئين موجب اليڪشن ڪميٽيء جي ميمبرن جو تعلق ساڳئي شھر سان ھجڻ گهرجي.

پهنجو تبصرو موڪليو