پشاور (ويب ڊيسڪ) پشاور هاءِ ڪورٽ وفاق ۽ خيبرپختون خواهه حڪومتن کي هدايت ڪئي آهي ته ملڪي قانون تحت افغان مهاجرين جي نقل و حرڪت محدود ڪئي وڃي. پشاور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس لال جان خٽڪ ۽ جسٽس نعيم انور تي مشتمل بينچ سينئر وڪيل محمد معظم بٽ طرفان داخل درخواست جي ٻڌڻي ڪئي. ڄاڻايل پٽيشن ۾ درخواست گذار عدالتي کي استدعا ڪئي هئي ته وفاق ۽ خيبرپختون خواهه حڪومتن کي افغان مهاجرين جي زندگي کي قانون تحت ڪرڻ ۽ غير قانوني مهاجرين کي ملڪ بدر ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي. 2 صفحن تي مشتمل فيصلو جاري ڪندي بينچ حڪم ڏنو ته درخواست گذار جي ان ڳالهه کان اختلاف نه ڪندو ته مهاجرين جون سرگرميون قانون مطابق هجڻ گهرجن ۽ ڪنهن به صورت ۾ انهن کي ان ڳالهه جي اجازت نه ڏني ويندي ته هو غير قانوني طريقي سان رهن ۽ پنهنجون سرگرميون جاري رکن. فيصلي ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو آهي ته مهاجرن لاڳاپيل انتظاميه کان اجازت وٺڻ بغير ڪاروبار نه ٿا ڪري سگهن. عدالت جو اهو به چوڻ هو ته ان معاملي جو فيصلو عدالتي دائره اختيار تحت نه ٿو ڪري سگهجي پر درخواست گذار جو ڪيس لاڳاپيل انتظاميه کي موڪلڻ مناسب آهي تاڪه مهاجرن جي زندگين متعلق قانوني قدم کڻي پاڪستاني شهري پنهنجي زندگي پرامن طور گذاري سگهن. عدالت 5 لاڳاپيل انتظاميه کي هدايت ڪئي جنهن ۾ وزارت داخلا، دفاع، اسٽيٽ ۽ فرنٽيئر ريجنز جا سيڪريٽري ۽ خيبرپختون خواهه جي صوبائي حڪومت شامل آهي. ياد رهي ته درخواست گذار موقف اختيار ڪيو هو ته افغان شهرين جا هجوم ۽ انهن جي نقل و حرڪت پاڪستاني شهرين لاءِ مشڪلاتن جو سبب بڻجي سگهي ٿو ان ڪري انهن جي سرگرمين جي نگراني ڪئي وڃي. درخواست گذار جو چوڻ هو ته 1979 ۾ سوويت افغان جنگ کان پوءِ لکين افغان شهري هجرت ڪري پاڪستان آيا هئا ايتري وڏي عرصي کان افغان شهري پاڪستان ۾ آزاد گهمي ڦري رهيا آهن انهن کي واپس وڃڻ گهرجي ها انهن جي واپس نه وڃڻ تي پاڪستان ۾ امن امان جي صورتحال خراب ٿي سگهي ٿي. هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته عدالت کي گهرجي ته ان ڳالهين جو تعين ڪري ته ڪهڙي قانون تحت افغان مهاجرين ڪاروبار ڪري رهيا آهن دڪان هلائي رهيا آهن يا ڪنهن قانوني پرمٽ بغير پاڪستان ۾ ڪنهن به قسم جي ڪاروبار سان ڳنڍيل آهن جنهن سان پاڪستاني معيشت تي منفي اثر پوي ٿو ۽ پنهنجي ئي ملڪ جا شهري غربت واري زندگي گذاري رهيا آهن.










