اسلام آباد (بيورو رپورٽ) عالمي بئنڪ پاڪستان لاءِ 30 ڪروڙ 40 لک ڊالرز قرض جي منظوري ڏئي ڇڏي، ورلڊ بئنڪ طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته منظور ٿيل قرض تحت هلندڙ پروگرام پاڪستان اندر پبلڪ سيڪٽر جي مالي مامرن ۾ بهتري آڻيندو، پروگرام تحت وفاق ۽ پنجاب ۾ پبلڪ فنانس مئنيجمينٽ نظام کي بهتر بڻايو ويندو، قرض پروگرام سان ادائگين، ريفنڊ جي اوڳاڙي ۽ ٽئڪس اختيارين خلاف اپيلز جو سسٽم به بهتر ٿيندو.










