عالمي اردو ڪانفرنس ۽ غالب جي 150 هين ورسي، زبردست خراج

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) عالمي اردو ڪانفرنس شروع ٿي وئي پهرين ڏينهن غالبجي ڏيڍ سو ساله سالگرهه جي مناسبت سان خصوصي ويهڪ ٿي. جنهن ۾ پاڪستان ۽ هندوستان کان آيل اديبن پنهنجا مقالا پيش ڪري غالب کي زبردست خراج پيش ڪندي چيو ته غالب عالمگير شاعر طور مقبول آهي. شميم حنفي جي صدارت ۾ ٿيل ويهڪ جي ڪاروائي ناصره زبيري هلائي.

ان کان اڳ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اردو ڪانفرنس جو افتتاح ڪيو سنڌ جي ثقافت وارو وزير سيد سردار علي شاهه به هن سان گڏ هو. ان موقعي ته نامور صدا ڪار ضيا محي الدين غالب جي شاعري پڙهي ۽ نامياري ستار نواز استاد نفيس خان پنهنجي شاگردن سان گڏ ستار جي ڌنن تي غالب جو ڪلام پيش ڪيو. سندس خوبصورت ڌنن تي ڀرپور داد ڏنو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو