عالمي آزادي صحافت ڏھاڙو ۽ صحافين جو آزاد ھجڻ

طارق راڄپر
دنيا جي اندر مختلف تنظيمون ۽ مختلف شعبن جا ادارا حقن جي حاصلات لاءِ ڪوششون سرانجام ڏين ٿا جن سان دنيا ۾ نوان قانون ٺھن ٿا ۽ سندن جا مقصد مطالبا تاريخ جي ورقن ۾ قيد ٿين ٿا. جن جو خاص مقصد سماج جي ڀلائي، سماج ۾ رھندڙن کي شعور ڏيارڻ ۽ سماج ۾ رھندڙن کي پنھنجن بنيادي حقن کان آگاھ ڪرڻ ھوندو آھي. جھڙي طرح انساني حقن جون تنظيمون انسانن سان ٿيندڙ زيادتين ۽ ناانصافين جي خلاف آواز بلند ڪن ٿيون ۽ انسانن جي جان ۽ مال جي حفاظت جي لاءِ ڪوششون سرانجام ڏين ٿيون.

دنيا ۾ مختلف واقعن جي صورتن ۾ عالمي ڏهاڙن جو قيام ٿئي ٿو. عالمي ڏهاڙن جو قيام مختلف وقتن تارخن تي ٿيندڙ واقعن کان آگاھ ڪرڻ آھي. جھڙي طرح مئي مهيني جي پھرين تاريخ تي عالمي مزدورن جو ڏھاڙو ملھائي شڪاگو ۾ ٿيندڙ مزدورن جي احتجاج جي واقعي کي ظاھر ڪري ٿو. اھڙيءَ طرح مئي مهيني جي 3 تاريخ تي ھر سال عالمي آزادي صحافت جو ڏھاڙو ملھايو ويندو آھي جنھن جي ملھائڻ جو اعلان يونائيٽيڊ نئشن جي جنرل اسيمبليءَ 1993 م ڪيو. ھن عالمي ڏهاڙي تي صحافين جي تحفظ، حقن ۽ آزاديءَ جو جائزو ورتو ويندو آھي ۽ انھن ئي مقصدن جي ڪري ملھايو ويندو آھي. آزادي صحافت جي عالمي ڏھاڙي تي انھن بھادر صحافين کي پڻ خراج تحسين ۽ ڀيٽا پيش ڪئي ويندي آھي جن بنا ڪنهن خوف، ڊپ، لالچ ۽ مشڪل حالتن جي ھوندي پنھنجي صحافت جو فرض نڀايو آھي. ھنن تاريخ سان انصاف ڪيو ۽ اڄ تاريخ بہ ھنن سان انصاف ڪري ٿي. آزادي صحافت جي عالمي ڏھاڙي تي صحافين جي اھميت ۽ انھن سان پيش ايندڙ خطرناڪ واقعن جو اظهار ڪيو ويندو آھي. ھن عالمي ڏهاڙي تي مختلف ملڪن جي حڪومتن کي صحافين جي حقن ۽ تحفظ جي ياد ڏياري ويندي آھي. يـونيسڪو 31 عالمي آزادي صحافت جي ڏھاڙي جي ميزباني ڪندو جنھن جو ھر سال وانگر ھن سال جو خاص پيغام ( صحافين جي اھميت ۽ عالمي ماحولياتي بحرانن تي سندن جي اظھار جي آزادي) آھي. ھر سال ھڪ نئون پيغام دنيا جي اندر ڏنو ويندو آھي.

آزادي صحافت جو مطلب ڇا آھي؟ صحافيءَ کي ڪھڙي آزادي ھجڻ گھرجي؟ صحافيءَ جو آزاد ھجڻ ڇو ضروري آھي؟.. يقينن، بلڪل اھڙا ئي سوال ھن ڏھاڙي تي اسان جي ذھنن ۾ گردش ڪندا رھن ٿا ۽ اسان کي سوچڻ ۽ تحقيق ڪرڻ تي مجبور ڪن ٿا.
آزادي صحافت جو مطلب آھي تہ صحافين کي مڪمل آزادي ۽ حفاظت ڏني وڃي تہ جيئن ھو اسان جي سامھون حقيقت ۽ سچائيءَ کي پنھنجي آواز ۽ قلم جي ذريعي اسان تائين پھچائي سگھن. اسان کي سماج ۾ ٿيندڙ طلم، جبر، ڏاڍ ۽ ناانصافيءَ جھڙن واقعن کي بنا ڪنهن خوف جي ميڊيا ڪوريج جي ذريعي اسان کي آگاھ ڪري سگھن.
صحافيءَ کي اھا آزادي ھجڻ گھرجي تہ ھو آزاديءَ ۽ بنا ڪنهن خوف، ۽ سندس سان ٿيندڙ زيادتيءَ جي مڪمل آزاديءَ سان سخت سوال ڪري سگھي. اسان جي سماج ۾ سھولتون نہ ھجڻ جي خلاف ميڊيا ڪوريج ڪري ۽ قلم ذريعي سماج ۾ سھولتن نہ ھجڻ جو پڇاڻو ڪري سگھي.
صحافين ۽ ميڊيا جو آزاد ان ڪري بہ ھجڻ ضروري آھي تہ ھو مظلومن، بي سھارن، ۽ پوئتي پيلن جو آواز آھن جيڪي ھنن جو آواز دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۽ عوام جي فيصلا ڪندڙن ايوانن وارن تائين پھچائي ٿو. صحافين جي آزادي ان جي ڪري ضروري آھي تہ صحافين کي پاڻ سان ٿيندڙ زيادتين ، ظلم، موتمار ڌمڪين، سندن جي خاندان جي فردن کي اغوا ڪرڻ يا جاني مالي تڪليفون ڏيڻ جھڙن واقعن کان مڪمل آزادي ۽ تحفظ جو ھجڻ ضروري آھي تڏھن ئي ميڊيا ۽ اسان جا صحافي پنھنجي آواز ۽ قلم جي ذريعي مظلومن کي انصاف ڏياريندا.
پاڪستان ۾ صحافين جو آزاد ھجڻ نھ برابر آھي. گذريل سالن ۾ ڪي ٽي اين ۽ ڪـاوش گروپ جي بھادر صحافي جان محمد مھر ۽ سنڌ ٽي وي جي عزيز ميمڻ سميت ڪيترن ئي دلير صحافين کي 1992 کان وٺي شھيد ڪيو پيو وڃي. صحافين کي حق تہ نہ ٿا ملن پر سندن حفاظت جي ذميواريءَ جو ھجڻ بہ نہ جي برابر آھي.
ميڊيا ۽ صحافت جو اسان جي سماج ۾ اھم ڪردار رھيو آھي. ميڊيا ۽ صحافي اسان کي ڄاڻ سان گڏوگڏ دنيا ۾ ٿيندڙ تبديلين، ايجادن ۽ واقعن جي معلومات فراھم ڪري آگاھ ڪن ٿا. تہ دنيا ۽ اسان جي آس پاس ڇا ٿي رھيو آھي. صحافين ۽ ميڊيا جو اسان جي سماج ۾ آزاد ھجڻ نھايت ئي ضروري آھي.

پهنجو تبصرو موڪليو