صوفي قربان ميمڻ کي سماجي خدمتن تي خراج پيش

مٽياري (رياض چانڊيو ) ڳوٺ ٻڍل خان ميمڻ ۾ بلاول تحريڪ جي سرگرم جاکوڙي ڪردار صوفي قربان علي ميمڻ جي ورسي تقريب منعقد ڪئي وئي، سنڌ سڪار سوسائٽي جي ميزباني هيٺ منعقد ڪيل تقريب جي موقعي تي صوفي قربان علي ميمڻ ۽ سندس ڀائرن جي مزار تي گلن جون چادرون چاڙهي دعا گهري وئي، تقريب ۾ ميمڻ جماعت جي سربراهه حاجي عبدالرزاق ميمڻ،خاصخيلي اتحاد جي چيئرمين سرائي نيازحسين خاصخيلي ، فنڪشنل مسلم ضلع مٽياري جي صدر نصير احمد ميمڻ ، نالي واري مزاحمتي شاعر مهر ڊٻائي ، مصطفيٰ بلوچ ، قاضي بدر ، منصور نواز ڀيو ، سيد گلفام ڪاظمي ، ايس يو پي اڳواڻ انور خان ٻرڙو ، شڪور ناز خاصخيلي ، فقير منظور علي خاصخيلي ، نور محمد سهتو ، محمد رحيم ميمڻ ، سردار اياز ميمڻ ، انصار علي ميمڻ ، عبدالرشيد ڏيٿو ، پروفيسر بشارت لنجواڻي، ضلعي مٽياري  جي صحافين وقارلاکو ، امتياز حسين ميمڻ ، قاسم شيدي ، رياض چانڊيو، ضمير خاصخيلي ، وڪيل ميمڻ ، جمن چوهاڻ ، سجاد ميمڻ ، جي ايم بابو خاصخيلي ، شاھد خاصخيلي سميت  سول سوسائٽي جي اڳواڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. تقريب جي شروعات ڀٽائي جي ڪلام سان ڪئي وئي ، جنهن بعد مختلف اڳواڻن خطاب ڪندي صوفي قربان علي ميمڻ کي ڀيٽا پيش ڪئي. مقررن چيو تـ صوفي قربان علي ميمڻ بلاولي تحريڪ جو اهم ڪردار هو جنهن پنهنجي سموري زندگي علائقي جي ترقي ، خوشحالي ۽ تعليم جي فروغ لاءِ وقف ڪئي هئي ۽ علائقي اندر ڪيترائي اسڪول کولرايا هئا. هنن چيو تـ موجوده دور ۾ صوفي قربان ميمڻ وانگر جاکوڙ ۽ جدوجهد ڪرڻ جي ضرورت آهي. تقريب جي آخر ۾ نالي وارن فنڪارن سجاد علي ۽ ساجد علي سولنگي سميت آچر فقير ۽ ٻين صوفياڻا ڪلام پيش ڪيا ۽ رات دير تائين لطيفي راڳ رھاڻ جاري رھيو جنهن سوين شائقين کي جهومائي ڇڏيو .

پهنجو تبصرو موڪليو