شهيد مبارڪ علي شاهه جو ميلو، ملهه مقابلا، دُڪان سينگاريا ويا

رتوديرو (عطاءُالله بروهي) شهيد مبارڪ علي شاھ جي عرس مبارڪ جي موقعي تي 3 ڏينهن لاءِ ميلو لڳايو ويو آهي. ميلي جو افتتاح درگاھ جي گادي نشين سيد ضمير حسين شاھ، زوار سيد شاھد حسين شاھ، سيد ڀورل شاھ، سيد اعجاز علي شاھ، سيد ناظم علي شاھ، سيد عمران علي شاھ ۽ ٻين مزار تي حاضري ۽ چادر چاڙهي ڪيو. عرس مبارڪ ۾ ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان شهيد مبارڪ علي شاھ جي سوين مريدن عقيدتمندن آس پاس جي علائقن ۽ شهرين  ڀرپور شرڪت ڪئي. ميلي ۾ شهرين توڙي ٻارن جي تفريح لاءِ چوڏيل، موت جو کوھ، ايراني سرگس، چڙيا گهر، رانديڪن ۽ مٺائي جا دڪان پڻ لڳايا ويا آهن.

جڏهن ته ميلي ۾ پاڪستان جي مشهور ملھ پهلوانن پهچي زور آزمائي ڪري خوب داد حاصل ڪري واھ واھ ڪرائي ڇڏي. ملھ پهلوانن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان هر سال هن ميلي تي ايندا آهيون هتان جا ماڻهو اسان کي کوڙ ساريون محبتون تحفا ۽ انعام ڏيندا آهن هنن چيو ته حڪومت طرفان اسان کي ڪي به سهولتون فراهم نه ڪيون ويون آهن حڪومت کي گهرجي ته اسان ملھ پهلوانن لاءِ ڪي جوڳا اپاءَ وٺي. ميلي ۾ موجود شهرين، سياسي سماجي اڳواڻن، مومن سمون، الهورايو عمراڻي، محمد يونس سومرو، عبدالرشيد کوکر، ناظم عباسي ۽ ٻين چيو ته ميلو سنڌ جي سهڻي ثقافت جو اهڃاڻ آهن ڇو ته هتي ڏور، بيت، ڪوڏي ڪوڏي، ملھ، صوفياڻا راڳ ويراڳ ۽ سگهڙ ڪچهريون پڻ ٿينديون آهن هنن چيو ته اهڙا ميلا سنڌ جي هر صوفي بزرگن تي ڪرايا وڃن جن ۾ نج سنڌي ثقافت اجاگر ٿئي.

پهنجو تبصرو موڪليو