سجاول(سليم ملاح) شھيد عوام فاضل راھو جي 33 هين ورسي جي موقعي تي قومي عوامي تحريڪ جا ڪارڪن ضلعي آرگنائيزر يوسف ڪنڀار جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب سجاول ۾ گڏ ٿيا. جتي قومي عوامي تحريڪ سجاول جي ضلعي آرگنائيرز يوسف ڪنڀار سيد اعظم شاھ محمد اشرف ٻارڻ محمد جمن ملاح عبدالحميد درس سرور ٻارڻ وڪيل عبدالغفور خاصخيلي ۽ ٻين شھيد عوام فاضل راھو کي لفظن جي ڀيٽا پيش ڪئي. هنن چيو ته شهيد فاضل راهو حق ۽ سچ جو ساٿ ڏنو، هو غريبن ۽ مسڪينن جو ڀرجهلو هو. سندس خدمتون ڪڏهن به وسارجي نه سگهنديون. هن مظلوم ماڻهن لاءِ جدوجهد ڪئي.










