شادي بعد جسم فروشي ۽ عضوا وڪڻڻ واري گروهه جو انڪشاف

اسلام آباد ( رپورٽ اياز مهر) پاڪستاني ڇوڪرين کي ڏٽا ڏئي شادي جي بهاني چين موڪليندڙ انساني سمگلرن جي گروهه بابت انڪشاف ٿيو آهي ته هو پاڪستاني ڇوڪرين کي بيهوش ڪري سندن دل، دماغ، گردن سميت اهم عضوا ڪڍي وڪرو ڪندا هئا. غريب پاڪستاني ڇوڪريون سٺي مستقبل جي چڪر ۾ چينين سان شادي ڪرڻ ۽ پرڏيهه وڄڻ لاءِ بيتاب هيون. ايف آءِ آي موجب فيصل آباد، لاهور، راولپنڊي ۽ اسلام آباد ۾ هنيل ڇاپن دوران هيستائين 17 چيني شهري گرفتار ٿيا آهن ۽ هنن وٽان هٿيار به مليا آهن. اربع ڏينهن اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ ڇاپن دوران ٽي پاڪستاني ڇوڪريون بازياب ٿيون آهن. اڻ تصديق ٿيل اطلاعن موجب چيني سفارتخاني جا ڪجهه ملازم به ملوث آهن ۽ ان ڏس ۾ پاڪستان ۽ چين هڪٻئي سان مڪمل تعاون ڪري رهيا آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته 90 پاڪستاني ڇوڪريون جن ۾ اڪثريت عيسائين جي آهي چين سمگل ٿي چڪيون آهن. چيني حڪومت پنهنجي ملڪ م پڻ ڇاپا هڻي رهي آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ هي معاملو سينيٽ ڪميٽي ۾ رحمان ملڪ پاران اٿارڻ بعد اڀريو ۽ برگيديئر(ر) اعجاز شاهه کيس جاچ جو يقين ڏياريو هو. جنهن بعد ايف آءِ اي ڇاپن جو سلسلو شروع ڪيو ۽ اڳ ۾ فيصل آبد ۽ لاهور ۾ ڇاپا هنيا ويا هئا. ٽي ڏينهن اڳ ڊپٽي ڊائريڪٽر ايف آءِ اي جميل ميو صحافين کي ٻڌايو هو ته لاهور ايئرپورٽ سوڌو مختلف علائقن ۾ ڪارروائيون ڪندي 10 چيني شهرين کي گرفتار ڪيو ويو آهي. بعد ۾ راولپنڊي مان ميرج بيورو هلائيندڙ مرد ۽ عورتون جيڪي پاڪستاني آهن ۽ چيني سمگلرن جي گروهه جا ساٿاري آهن انهن کي پڻ گرفتار ڪيو ويو.  ڊپٽي ڊائريڪٽر ايف آءِ اي جو چوڻ هو ته جوابدار پاڪستاني ايجنٽس سان گڏجي پاڪستاني ڇوڪرين کي ڦاسائيندا هئا ۽ سندن طبي چڪاس بعد ساڻن شادي ڪري يا چين ۾ گهوٽ ڳولي ساڻن رابطو ڪرائي پسند بعد کين موڪليندا هئا. هي منظم گروه ڇوڪرين کان جنسي پورهيو ڪرائي بعد م کين نشو ڏئي عضوا ڪڍي وڪرو ڪري لاش گم ڪندا هئا. ياد رهي ته تازو هڪ ويڊيو پڻ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي هئي جيڪا چين مان هڪ پاڪستاني ڇوڪري رڪارڊ ڪري موڪلي هئي. ويڊيو ۾ هوءَ روئي رهي هئي ۽ خدا جا واسطا ڏئي واپس وطن آڻڻ لاءِ منٿون ڪندي چوي پئي ته پاڪستاني ڇوڪريون چينين سان شادي ڪري هرگز چين نه اچن ڇو ته هو کانئن جسم فروشي ڪرائڻ بعد ظلم ڪن ٿا.

پهنجو تبصرو موڪليو