سپر سڪس ٽورنامنٽ الرحمان اليون کٽي ورتو

سپر سڪس ٽورنامنٽ الرحمان اليون کٽي ورتو

داد لغاري (نديم مھر) ڳوٺ نٿو گبول ۾ الڪريم نائيٽ ڪرڪيٽ سپر سڪس ٽورنامينٽ ۾ حصو وٺندڙ 30 ٽيمن مان ٽورنامينٽ جون ٻه بهترين ٽيمون الرحمان اليون ۽ الڪريم اليون وچ ۾ فائنل ٿيو جيڪو الرحمان اليون کٽي ورتو. الڪريم اليون 6 اوورن ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي57 رنسن جو حدف ڏنو، الرحمان ٽيم 4 اوورن ۾ شاندار بيٽنگ ڪندي فائنل کٽي ورتي. ونر ٽيم جي صدام حسين لغاري مين آف دي ميچ قرار،ڪي ڪي آر جو سڪندرپتافي ٽورنامينٽ ۾ بهترين بالنگ ڪرائڻ تي ۽ الاقبال ٽيم جي باسط پتافي ٽورنامينٽ ۾  بهترين بيٽنگ ڪندي 3 ففٽيون ٺاهي مين آف دي سيريز جو اعزاز ماڻيو. الرحمان ٽيم جي ڪپتان غلام ياسين لغاري فائنل کٽي ونر ٽرافي حاصل ڪري تماشائين کان خوب داد وصول ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو