سيد جڙيل شاهه جو ميلو، راڳ جي محفل ۾ ماڻهو جهومي پيا

خيرپور ناٿن شاهه (برڪت چانڊيو) سخي سيد جڙيل شاهه جيلاني جي 223هين عرس جون تقريبون جاري، درگاهه جي آڳند ڪڏڻ ڪناري راڳ جي محفل، سازن جا مشغول ڪندڙ آلاپ درگاهه جي فضائن ۾ گونجندا رهيا. فنڪارن رفيق منگي، بخت علي گاڏھي، عاشق علي گاڏھي ، رزاق رانجھاڻي، شاهدان پروين ، صبا سحر ۽ فقير عمران سمون  پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري محفل تي سحر تاري ڪري ڇڏيو.

فنڪار بخت علي ۽ عاشق علي گاڏھي  ڳائڻ جي شروعات مولا علي جي شان جيان سان ڪئي ۽ ٻيا عارفانا ڪلام ڳائي داد وصول ڪيو. فنڪار صبا سحر  پنهنجي ناز ۽ نکري سان ماڻهن جا من موهي وڌا هن ڳائڻ جي شروعات ڌمال سان ڪئي ته ماحول گرمائجي ويو ماڻهو ڌمال هڻندا رهيا. فنڪار رفيق منگي استاد بخاري، شيخ اياز ۽ ٻين جا ڪلام پيش ڪري ڀرپور داد وصول ڪيو جڏهن ته ٻين پڻ پنهنجي پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو درگاهه جي فضائن سرن ۽ سازن جا پوپٽ پوري رات اڏامندا رهيا

جڏهن ته محفل پرهه ڦٽي تائين جاري رهي. محفل ۾ سجاده نشين پروفيسر سيد علي اڪبر شاهه، سيد اياز علي شاهه ، ڊاڪٽر ذوالفقار علي شاهه، ڊاڪٽر ارباب علي شاھ، سيد ارشاد علي شاهه، شفيق زمان لغاري، اصغر سومرو خصوصي طور شرڪت ڪئي ۽ فنڪارن تي پئسن جي گھور ڪري کين ڀرپور داد ڏنو.

پهنجو تبصرو موڪليو