سيد ابن شاهه جو ساليانو عرس عقيدت سان ملهايو ويو

گلاب لغاري (سليمان چانڊيو) سنڌ جي تاريخي ماڳ (اگهم ڪوٽ) اگهاماڻو ۾ بزرگ اولياءَ سيد ابن شاھ بخاري جو ساليانو هڪ ڏينهن وارو عرس مبارڪ نهايت ئي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو جڏهن ته سيد جمن شاھ بخاري ۽ سيد مهدي شاھ بخاري پاران بي بي ماهم عليه السلام ۽ سيد ابن شاھ بخاري جي آخري آرام گاهن تي چادرون چاڙهي عرس مبارڪ جي تقريبن جو باقاعده آغاز ڪيو. ان موقعي تي مريد، عقيدت مند زائرين توڙي علائقي واسي تمام وڏي انگ ۾ موجود هئا.

مقررين زوار امانت علي لنجواڻي ۽ مولوي منير عباس سامرائي پاران مجلس پڙهي وئي جن اهلبيت جو شان ۽ واقعه ڪربلا جو بيان پڙهيو. جڏهن ته علمدار عباس جو ڪربلا ۾ بازو ڪٽجڻ ۽ معصوم علي اصغر بابت غمزده لهجي ۾ داستان بيان ڪيو ته مجلس ۾ ويٺل حاضرين تي غمِ حسين طاري ٿي ويو هو زارو قطار روئڻ لڳا. آخر ۾ ناليواري صوفي فنڪار راشد حيدري پنهنجي بهترين آواز ۾ صوفياڻي ڪلام وسيلي شان اهلبيت پنجتن پاڪ گهراڻي جا بيان ڳائي محفل کي چمڪائي ڇڏيو جنهن فن جو سهڻو نمونو پيش ڪري ماڻهن کي واھ واھ ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو