سون نه چاندي، ڪنوار پاران حق مهر ۾ 100 ڪتابن جي گُهر

ڪيرالا (ويب ڊيسڪ) ڀاتي رياست ڪيرالا ۾ انوکي شادي جي رسم جو بنياد وڌو ويو آهي. جنهن ۾ ڪنوار حق مهر م سون، ڇاندي يا مڏي ملڪيت بدران 100 ڪتاب گهري ورتا آهن. ڀارتي ميڊيا ۾ ايندڙ خبرن موجب گهوٽ اعجاز حڪيم  جي انجا نظام سان 29 ڊسمبر تي شادي ٿي هئي. ڪنوار جي اهڙي مطالبي تي سڀ حيران ٿي ويا. سندس گهوٽ شادي جي ڏينهن تائين 96 ڪتاب جيڪي سندس ڪنوار گهريا هئا فراهم ڪيا جڏهن تي 4 ڪتاب باقي هئا. جن مان به کيس 3 ڪتاب ملي ويا آهن پر ڀارتي آئين جي ڪتاب جي اپ ڊيٽ ڪاپي اڃا کيس ناهي ملي. ڪنوار جن ڪتابن جي لسٽ ڏني انهن ۾ مذهبي، اڪنامڪس، تاريخ، بايوگرافي ۽ ٻين موضوعن بابت هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو