سول اسپتال جي عملي ۾ جهيڙو، مريض پريشان، جاچ ڪميٽي قائم

نوشهروفيروز(رپورٽ: مشتاق حسين مري) سول اسپتال نوشهروفيروز جي پئرا ميڊيڪل عملي جي ٻن گروپن ۾ واٽس ايپ گروپ تي اعتراض جوڳو مواد رکڻ تان ٿيل جهيڙي جو ڊي جي هيلٿ نوٽيس وٺي ڇڏيو، 3 رڪني ڪميٽي قائم، ملازمن پاران او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪري احتجاج، حملو ڪندڙ جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جو مطالبو. خبر موجب پاڪستان پيرا ميڊيڪل اسٽاف ايسوسيئيشن ضلع نوشھروفيروز جي اڳواڻ محمد سعود ٻوھيو تي ڊيوٽيءَ دوران حملو ڪندڙن کي گرفتار نه ڪرڻ خلاف اڄ سول اسپتال ۾ او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪري احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو. ان موقعي تي اڳواڻن خادم حسين مستوئي، حزب الله راڄپر، اشرف قريشي، يونس وسڻ ۽ ٻين چيو ته اسپتال انتظاميه توڙي پوليس ھن وقت تائين شرپسندن خلاف ڪوبه قدم نه کنيو آھي اسان جو ضلعي اڳواڻ اڃان تائين نڪ جي ھڏي ڀڄڻ سبب نوابشاھه اسپتال ۾ داخل آھي. اڳواڻن چيو ته ظلم جي انتھا آھي جو ماڻھو به اسان جو زخمي ٿيو آھي ۽ پوليس به اسان جي گھرن تي چڙهائي ڪري اسانجي ماڻھن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ ڇاپا ھڻي رھي آھي. هنن چتاءُ ڏيندي چيو ته جيڪڏھن اسپتال ۾ مارڪٽ ڪندڙن خلاف ڪاروائي نه ڪئي وئي ته سومر جي ڏينھن کان وٺي سڄي ضلعي جي اسپتالن ۾ او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪيو ويندو. ٻئي طرف ڊي جي هيلٿ مسعود سولنگي ملازمن وچ ۾ ٿيل جهيڙي جو نوٽيس وٺندي ڊاڪٽر وجيهه الدين ميمڻ، ڊاڪٽر يوسف نول ۽ ڊاڪٽر مشتاق مهيسر جي اڳواڻي ۾ 3 رڪني ڪميٽي ٺاهي سومر ڏينهن رپورٽ ڏيڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي. واضح رهي ته گذريل ڏينهن پيپلزپيرا ميڊيڪل ۽ پاڪستان پيرا ميڊيڪل عملي وچ ۾ واٽس ايپ گروپ تي اعتراض جوڳو مواد رکڻ تان جهيڙو ٿي پيو هو جنهن جي نتيجي ۾ پيراميڊيڪل اڳواڻ محمد سعود ٻوهيو نڪ ۾ ڌڪ لڳڻ سبب زخمي ٿي پيو هو، اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽر اقبال انصاري پوليس گھرائي جهيڙي کي ٽاريو هو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو