ڪراچي (عبدالرشيد شڪور) ليفٽ آرم اسپنر ڪاشف ڀٽي جي پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم ۾ پهريون ڀيرو شموليت اصل ۾ ان جي ڊگهي ۽ صبر آميز محنت جو سلو آهي.ڪاشف ڀٽي سن 2007 ۾ پنهنجي فرسٽ ڪلاس ڪيريئر جي شروعات ڪئي هئي ۽ هن 12 سالن جي دوران هو فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽ ۾ 300 کان وڌيڪ وڪيٽون حاصل ڪري چڪو آهي. محدود اورز جي ڪرڪيٽ ۾ 100 کان وڌيڪ ۽ ٽي ٽوئنٽي ۾ 50 وڪيٽون ان کان علاوه آهن. جيڪڏهن اسين پاڪستان جي حاليه ٽيسٽ ميچ جي ڪاميابين تي نظر وجهون ته اهي اڪثر ڪري سعيد اجمل ۽ ياسر شاهه جي ڪري ئي رهيون آهن ان صورتحال ۾ عمده ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪرڻ واري ليفٽ آرم اسپنز جو ڪردار فاتح بجاءِ مدد گار جي طور تي رهيو آهي.

ان جا اهم مثال عبد الرحمان ۽ ذوالفقار ٻاهر آهن . محدود اورز جي ڪرڪيٽ ۾ گذريل ڪجهه عرصي ۾ عماد وسيم، رضا حسن، محمد نواز، محمد اصغر ۽ ظفر گوهر کي ڏسندا رهيا آهيون. اهو ئي سبب آهي ته ڪاشف ڀٽي مقابلي جي هن ڀڄ ڊڪ ۾ اڀري سامهون ناهي اچي سگهيو حالانڪ ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ ۾ ان جي ڪارڪردگي متاثر ڪندڙ رهي آهي. سن 2017 جي قومي قائد اعظم ٽرافي ۾ هن سوئي سدرن گيس جي طرفان صرف 9 ميچن ۾ 49 وڪيٽون حآصل ڪيون هيون جنهن ۾ فيصل آباد جي خلاف اننگز ۾ 50 رنسن جي عيوض 8 ۽ ميچ ۾ 102 رنسون ڏئي ڪري 14 وڪيٽن جي متاثر ڪندڙ ڪارڪردگي به قابل ذڪر هئي . ان جي باوجود بي هو سليڪٽرز جي اک تي نه چڙهيو.
اندرون سنڌ ۾ ڪرڪيٽ
ڪاشف ڀٽي سنڌ جي شهر نوابشاهه ۾ پيدا ٿيو ۽ گهٽين محلن ۾ ٽيپ بال جي ڪرڪيٽ کان شروعات ڪئي. ان جي وڏي ڀاءُ عارف ڀٽي باقائده ڪرڪيٽ کيڏندو هو. هڪ ڏينهن ڪاشف ڀٽي ان سان گڏ ميچ ۾ ويو ٽيم ۾ هڪ رانديگر گهٽ هجڻ جي ڪري هن کي فيلڊنگ جي لاءِ چيو ويو. سٺي ڪارڪردگي جي سبب ان کي اڳئين مئچ ۾ باقائده کيڏڻ جو موقعو ملي ويو. ڪاشف ڀٽي جي شروعاتي ڪرڪيٽ ۾ حامد حسين خاصخيلي جو عمل دخل انتهائي نمايان رهيون آهي . جڏهن ته حوصلا افزائي ڪرڻ وارن مان چوڌري اڪرم آرائين به شامل هيو. ڪاشف ڀٽي جو ڪرڪيٽ جو شوق ان کي ڊسٽرڪٽ انڊر 19 تائين وٺي آيو ۽ هو حيدرآباد جي ريجنل اڪيڊمي جو حصو ٿيو، پوءِ هڪ ڏينهن اخبار ۾ اشتهار ڏسي ڪري فوجي فرٽيلائيزر جي ٽيم ۾ شامل ٿيڻ جي درخواست ڏئي ڇڏي.
فاسٽ بالر کان ليفٽ آرم اسپنر
ڪاشف ڀٽي ڪرڪيٽ جي شروعات فاسٽ بالر جي طور تي ڪئي هئي پر هڪ ميچ ۾ وائيڊ بال ڪرڻ سبب ان کي اسپنر ٿيڻ جو مشورو ڏنو ويو، ايئن ئي هو ليفٽ آرم اسپنر ٿي ويو. (سنڌ ۾ ليفٽ آرم اسپنر گهوٽڪي جو ڪفيل ڀائي به هو جنهن کي ڪرڪٽ کان وڌيڪ ماڻهو ٽرڪن ۽ ٽريلرن تي چاڪنگ سبب وڌيڪ سڃاڻيندا هئا. جنهن ٽرڪ يا ٽريلر تي ڪفيل ڀائي جو نالو لکيل نه هوند هو ته هر ڪو چوندو هي هي لوڪل گاڏي آهي. ڪفيل ڀائي پينٽر هو ماڻهو هن کي سائن بورڊ لکرائڻ وٺي ويند هئا ته هو اڳ ۾ پنهنجو نالو لکندو هو.

جنهن تي کائنس سبب معلوم ڪيو ويو ته هن چيو ته متان رنگ کپي وڃي يا بورڊ تي جاءِ نه بچي ان ڪري هو اڳ ۾ پنهنجو نالو لکندو آهي. مرحوم جو چرچو طارق عزيز جي نيلام گهر کان وٺي شو بز جي دنيا ۾ به خوب هو. هڪ ڀيري مزاحيه ادا ڪار رنگيلو هن سان ملڻ گهوٽڪي آيو هو ۽ کيس ڏسي چيلهه تي هٿ رکي چيو هئائين اڇا تم هو جو مجهه سي ڀي زياده مشهور هو). ڪاشف ڀٽي ڊپارٽمينٽل ڪرڪيٽ ۾ يو بي ايل، اسٽيٽ بئنڪ ۽ سوئي سدرن گيس جي ٽيمن جي اڳواڻي ڪئي آهي. هو پنهنجي بالنگ ۾ بهتري آڻڻ جي سلسلي ۾ ليفٽ آرم اسپنر مسعود انوار جي طرف رهيو آهي جيڪو پاڪستان جي طرفان هڪ ٽيسٽ ميچ کيڏيو هو. مسعود انوار ئي انکي پهريون ڀيرو يو بي ايل جي ٽيم ۾ شامل ڪيو هو ۽ ان جي هر ممڪن حوصلا افزائي ڪئي. ڪاشف ڀٽي جو پسنديده بالر نيوزيلينڊ جو ڊينئل وٽوري آهي .

پي ايس ايل ۾ نه کيڏڻ جي برابر
ڪاشف ڀٽي کي پاڪستان سپر ليگ جي ٻئين ايڊيشن ۾ ڪراچي ڪنگز حاصل ڪيو هو پر هو صرف هڪ ميچ کيڏي سگهيو. پي ايس ايل جي ٽئين ايڊيشن ۾ هو ملتان سلطان ۾ شامل ٿيو پر ان کي ميچ کيڏڻ جو موقعو ملي نه سگهيو. ڪاشف ڀٽي ان کا پهرين پاڪستان اي جي طرف کان انگلينڊ لائينز ۽ نيوزيلينڊ اي جي خلاف به کيڏي چڪو آهي.

عام راءِ هي آهي ته ڪاشف ڀٽي جي 33 ورهين جي عمر ۾ پهريون دفعو پاڪستاني ٽيم ۾ سليڪشن ۾ دير ته ٿي ٿي آهي پر هو پاڻ هن سوچ تي يقين رکندو آهي ته اسپنر جي ڪا به عمر ناهي ٿيندي جيڪڏهن هو فٽ آهي ته ڪنهن به عمر ۾ کيڏي سگهندو آهي. (بي بي سي جي ٿورن سان. ڪفيل ڀائي بابت پيراگراف سنڌيار جو اضافي آهي)










