سنڌ صوفين جي ڌرتي جي عنوان هيٺ مچ ڪچهري ٿي گذري

ڪنڊيارو (اسد جعفري) سنڌ ڌرتي صوفين جي ڌرتي جي عنوان هيٺ ڪنڊيارو بار ايسوسيئيشن جي طرفان مچ ڪچھري ڪرائي ويئي. ان موقعي تي مهمانن لاءِ پنڊال ۾ ٻاريون ٺاهي باهه جا مچ ٻاريا ويا هئا  ته جيئن مهمان سردي کان بچي سگهن. دل کي ڇهندڙ ھن تقريب جو مهمان خاص ايڊيشنل سيشن جج ڪنڊيارو سڪندر امير پهوڙ جن هئا. جڏھن اعزازي مهمانن ۾ سيڪنڊ سول جج ڪنڊيارو باغ علي شر، سول جج ڪنڊيارو شاه ولي خان، سول جج گمبث شمس الدين چارڻ، سول جج ڪنڊيارو فراز زيدي، فرسٽ سول جج ڀريا امانت علي کوسو، ٽائون  ڪاميٽي ڪنڊيارو جي چيئرمين سيد غلام مرتضيٰ شاه، ڊاڪٽر شاهد نواز شيخ، وڪيل اڳواڻ الهورايو ڪلو، سيد نويد علي شاه، عامر علي لاکو، صلاح الدين ميمڻ ، اشرف ڪمبوه، جهانگير ڪلهوڙو ۽ سکر مان آيل وڪيل اڳواڻ آچر گبول، شمس الدين چاچڙ سميت سوين وڪيلن شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي محفل جي مور مهمان خاص ايڊيشنل سيشن جج سڪندڙ امير پهوڙ بريسٽر عطا حسين کوسو کي بوسڪي جا پٽڪا پارايا جڏھن ته ٻين سمورن مهمان ۽ صحافين کي اجرڪ ۽ سنڌي ٽوپيون پارايون ويون. مچ ڪچهري واري محفل کي خطاب ڪندي تعلقه بار ڪنڊيارو جي جنرل سيڪريٽري الھورايو ڪلو چيو ته شاهوڪار سنڌ جي شاهوڪار تهذيب جا رنگ اوترائي رنگين ۽ شاهوڪار آھن دنيا جي ڪنڊ ڪرڇ ۾ رهندڙ ڪروڙين سنڌي پنهنجي ثقافت سان پيار ڪن ٿا مچ ڪچھري اصل ۾ سنڌ جي شعور جو نماءَ آھي جنهن ۾ شرڪت ڪندڙ ڏاها ۽ شرڪت ڪندڙ پنهنجي هن قديم ۽ وسيع ٻولي جا هزارين رنگ آلاپي ڌرتي سان محبت جي وچن جو ورجاءَ ڪن ٿا.

مچ ڪچھري ۾ سگهڙ غمگين سيال شاعري ٻڌائي خوب داد وصول ڪيو. جڏھن ته سنڌ جي نامور راڳي مانجهي فقير پنهنجي راڳ وسيلي سنڌ سان محبت جو ورجاءَ ڪري خوب داد حاصل ڪيو ۽ محفل ۾ ويٺلن مٿان پنهنجي راڳ وسيلي وجد طاري ڪري ڇڏيو مچ ڪچهري رات دير تائين جاري رهي.

پهنجو تبصرو موڪليو