سنڌ حڪومت ۾ آفيسرن جون مقرريون ۽ بدليون

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ سرڪار ڪامورن جون مقرريون ۽ بدليون ڪيون آهن.اسٽاف آفيسر ڪمشنر حيدرآباد عبدالفغار شيخ کي اسسٽنٽ ڪمشنر جنرل حيدرآباد مقرر ڪيو ويو آهي. پوسٽنگ جي انتظار ۾ ويٺل اسد الله ڀٽي کي اي ڊي سي ٽو قمبر شهدادڪوٽ مقرر ڪيو ويو آهي. اسسٽنٽ ڪمشنر شڪارپور جاويد علي لاڙڪ اي ڊي سي ٽو جي اضافي چارج ڏني وئي آهي. اي ڊي سي ٽو شڪارپور نظام الدين جتوئي کي بدلي ڪري اي ڊي سي ڳڙهي ياسين مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته پوسٽنگ جي انتظار ۾ ويٺل امير افضل اويس کي ڊپٽي سيڪريٽري پبلڪ سروس ڪميشن سنڌ مقرر ڪيو ويو آهي.ڊاڪٽر نثار احمد لغاري کي ايس اينڊ جي، جو ڊپٽي سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته قرت العين ميمڻ کي صحت کاتي ۾ مقرر ڪيو ويو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو