سنڌ جي وڏن شهرن جي اسپتالن ۾ ڪينسر علاج اڻلڀ، هزارين مريض پريشان

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ گٽڪو ۽ مين پڙي کائڻ سبب وات جي ڪينسر جي مرض بابت صحت کاتي جي سيڪريٽري پاران رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي وئي، رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته سنڌ جي وڏين اسپتالن ۾ ڪينسر جو علاج ئي موجود ناهي، پيپلز پارٽي جي ڳڙهه لاڙڪاڻي اسپتال ۾ ڪينسر جي مريضن کي داخل ڪرڻ جي سهولت پڻ موجود ناهي. چانڊڪا ميڊيڪل اسپتال لاڙڪاڻي ۾ گذريل سال 489 مريض آندا ويا جن مان پنجن کي وات ۾ ڪينسر هئي. رپورٽ ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته خيرپور ۾ وات جي ڪينسر جي مريضن کي علاج جي سهولت ئي موجود ناهي اهڙن مريضن کي ٻين اسپتالن ڏانهن ريفر ڪيو ويندو آهي. غلام محمد مهر ميڊيڪل ڪالج سکر اسپتال ۾ 2018ع ۾ ڪينسر جو ڪو به مريض نه آندو ويو. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته جناح اسپتال ۾ 2018ع ۾ 37900 مريض آندا ويا، جناح اسپتال ۾ گذريل سال وات جي ڪينسر جا 2213 مريض آندا ويا. لائنر اسپتال لارڪاڻي ۾ گذريل سال ڪينسر جا 2088 مريض آندا ويا، لاڙڪاڻي اسپتال ۾ 2018ع ۾ وات جي ڪيسنر جا 338 مريض آندا ويا جڏهن ته ڪراچي جي بيت السڪون ڪينسر اسپتال ۾ گذريل سال 2816 مريض آندا ويا جن ۾ 231 ڪينسر جا مريض شامل هئا. ڪراچي جي راحت ڪدا اسپتال ۾ گذريل سال ڪينسر جا 270 مريض آندا ويا جن مان 60 ڄڻا وات جي ڪينسر ۾ مبتلا هئا. رپورٽ موجب المحراب طبي امداد اسپتال ۾ گذريل سال ڪينسر جا 302 مريض آندا ويا جن مان 110 ڄڻا وات جي ڪينسر ۾ مبتلا هئا. ڪراچي جي ڪرن اسپتال ۾ 5247 ڪينسر جا مريض آندا ويا جن مان 1202 وات جي ڪينسر جا مريض هئا. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته نورين اسپتال شهيد بينظير آباد ۾ گذريل سال ڪينسر جا 1673 مريض آندا ويا جن مان 268 وات جي ڪينسر جا مريض هئا. نمرا اسپتال ڄامشورو ۾ گذريل سال 1710 ڪينسر جا مريض آندا ويا جن مان 224 وات جي ڪينسر ۾ مبتلا هئا. صحت کاتي جي سيڪريٽري پاران پيش ڪيل رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڊاڪٽر ضياءَ الدين اسپتال ۾ گذريل سال 1473 ڪينسر جا مريض آندا ويا جن مان 352 وات جي ڪينسر ۾ مبتلا هئا. آغا خان اسپتال ۾ گذريل سال 4060 مريض آندا ويا جن مان 568 ڪينسر ۾ مبتلا هئا. ايس آءِ يو ٽي ۾ 18036 ڪينسر جا مريض آندا ويا هئا جڏهن ته سول اسپتال ۾ گذريل سال ڪينسر جا 15889 مريض آندا ويا جن مان 202 وات جي ڪينسر ۾ مبتلا هئا، ايس جي لياري اسپتال ۾ گذريل سال ڪينسر جا 242 مريض آندا ويا جن مان 138 وات جي ڪينسر ۾ مبتلا هئا. لياقت نيشنل اسپتال ۾ گذريل سال 5830 مريض آندا ويا جن مان 72 وات جي ڪينسر ۾ مبتلا هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو