سعودي عرب جي 2 اهم آئل فيلڊز تي ڊرون حملا

رياض(ويب ڊيسڪ) سعودي عرب جي تيل ۽ گيس جي ڪمپني آرامڪو جي ٻن فيلڊز تي ڊرون حملا ڪيا ويا آهن، جن ۾ ڪنهن به جاني نقصان جو  ناه ٻڌايو ويو، سعودي عرب جي سرڪاري خابرو ادري ايس پي اي موجب ملڪ جي اوڀارين پاسي واقع ابقيق ۽ خريس آئل فيلڊز تي ڇنڇر تي فجر مهل 4 وڳي ڊرون حملا ٿيا. جن جي خبر اڄ جاري ڪئي وئي آهي. ڊرون حملن ۾ ٿيل مالي نقصان بابت به ناهي ٻڌايو ويو رڳو يترو چيو ويو آهي ته آرامڪو جي فائر فائيٽنگ عملي لڳل باهه تي ضابطو آڻي ڇڏيو آهي. هن مهل تائين ڪنهن به ڊرون حملن جي ذميواري قبول ناهي ڪئي ۽ نه ئي سعودي حڪومت ڪنهن تي الزام هنيو آهي. ياد رهي ته ماضي ۾ يمن جا حوثي باغي سعودي عرب جي حساس تنصيبات تي ميزائيل حملا ڪندا رهيا آهن ۽ انهن جي ذميواري به هو قبول ڪندا رهيا آهن. يمن سعودي عرب جو دنگائي ملڪ آهي جتي ڪيترن سالن کان گهرو جنگ جاري آهي. سعودي عرب پنهنجي مرضي جي حڪومت چاهي ٿو پر حوثي باغين مان  اڪثريت  جو اهل تشيع سان واسطو آهي ۽ سعودي عرب ايران تي سندن مدد ڪرڻ جو الزام هڻندو رهيو آهي، جنهن سبب سعودي عرب ۽ ايران ۾ سخت اختلاف آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو