فرنٽيئر ڪانسٽيبلري ۾ پهرين عورت آفيسر مقرر

پشاور (عزيزالله خان) پاڪستان ۾ دهشتگردي کان متاثر ضلعي سوات ۾ پهريون دفعو هڪ عورت حنا منور کي فرنٽيئر ڪانسٽيبلري (ايف سي) ۾ ضلعي جي سربراهه آفيسر طور مقرر ڪيو ويو آهي. بنيادي طور تي اها مشهور آهي ته ايف سي وارا سخت مزاج هوندا آهن ۽ اهڙي فورس ۾ پهريون دفعو عورت آفيسر جي تقرري عجيب آهي. پر حنا منور جو چوڻ آهي ته هڪ عورت جي حيثيت سان ذميواري نڀائڻ ۾ هن کي ڪا به مشڪل نظر نه ٿي اچي، ڀلي کيس فيلڊ ۾ وڃڻو پوي يا آفيس ۾ ڪم ڪرڻو پوي. صوبي پنجاب جي شهر فيصل آباد سان تعلق رکڻ واري حنا منور جو چوڻ آهي ته اهو هن جي لاءِ فخر جي ڳالهه آهي ته ان جي مقرري  سوات ۾ ٿي آهي ڇو ته هو سوات جي بهتري ۽ ڀلائيءَ جي لاءِ گهڻو ڪجهه ڪري سگهي ٿي.

پاڪستان ۾ سي ايس ايس جو امتحان پاس ڪرڻ کانپوءِ پوليس سروس ۾ مقرر 7 عورتون هن ڀيري فرنٽيئر ڪانسٽيبلري ۾ هڪ سال جي عرصي لاءِ  ذميواريون نڀائينديون. ان ۾ ٻن عورتن کي خيبر پختونخوا، چئن کي اسلام آباد جڏهن ته هڪ کي گلگت ۾ مقرر ڪيو ويو آهي. انهن عورتن کي بنيادي طور تي اي ايس پي جو عهدو ڏنو ويندو آهي ۽ ايف سي ۾ انهن کي اي ڊي او يا اسسٽنٽ ڊسٽرڪٽ آفيسر چيو ويندو آهي. حنا منور ڊولپمينٽ اڪنامڪس ۾ ايم فل ڪيو جنهن کان پوءِ هن سي ايس ايس جو امتحان پاس ڪري پوليس سروس کي ترجيح ڏني ۽ پي ايس پي (پوليس سروس آف پاڪستان) ۾ آفيسر مقرر ٿي آهي. هن جو چوڻ هو ته هوءَ خوش آهي ته هيءَ پهرين عورت آفيسر آهي جيڪا ڪنهن ضلعي ۾  فورس جي اڳواڻي ڪري رهي آهي. حنا منور بي بي سي کي ٻڌايو ته  هڪ عورت جي حيثيت سان کيس ايئن ناهي لڳندو ته اها ذميواري سر انجام ڏيڻ ۾ کيس ڪا به مشڪل پيش اچي سگهي ٿي ڇو ته هو پاڻ پنهنجي خوشي ۽ مرضي سان هن فيلڊ ۾ آئي آهي. هن چيو ته هن جي ڪوشش هوندي ته هو پنهنجون ذميواريون سٺي نموني سان نڀائي ۽ سوات ۾ فرنٽيئر ڪانسٽيبلري جي سپاهين جي فلاح ۽ بهبود جي لاءِ ڪجهه ڪري سگهي. هن چيو ته هوءَ چاهي ٿي ته سيڪيورٽي اسٽيبلشمينٽ کي وڌيڪ بهتر ڪيو وڃي ۽ نظم ضبط کي بهتر رکڻ  ان جي ترجيحن ۾ شامل هوندو. هڪ سوال جي جواب ۾ حنا منور چيو ته پاڪستان دهشتگردي کان بري طرح متاثر ٿيو ۽ سوات ۾ حالتون انتهائي ڇڪتاڻ واريون  رهيون پر هاڻي صورتحال بهتر ٿي آهي ۽ اميد آهي ته وڌيڪ بهتري ايندي. حنا منور ٻڌايو ته هوءَ شادي شده آهي ۽ هن جي هڪ ڌيءَ به آهي. هن چيو ته هن جي پيشي جون پنهنجون ضرورتون آهن جڏهن ته انهن ذميوارين سان گڏ پنهنجي گهر ۽ خاندان کي توجهه ڏيڻ جي لاءِ ٻنهي ۾ توازن پيدا ڪرڻو پوندو آهي ته جيئن ان سان ڪو به متاثر نه ٿئي، ڇو ته اهو توازن پيدا ڪرڻ هڪ چئلينج هوندو آهي.

فرنٽيئر ڪانسٽِيبلري جي ڊپٽِي ڪمانڊنٽ ۽ پوليس ۾ ايڊيشنل انسپيڪٽر جنرل جي عهدي تان رٽائرڊ آفيسر رحمت خان وزير بي بي سي کي ٻڌايو ته ايف سي هڪ روايتي پوليس رهي آهي جنهن جو مقصد قبائلي ۽ بندوبستي علائقن جي سرحدن جي نگراني ڪرڻ هو پر هاڻي هن ۾ وڏيون تبديليون آيون آهن. هن جو چوڻ هو ته ايف سي ۾ عورتن جي اعليٰ عهدن تي اچڻ سان ايف سي جي دفتري ڪارڪردگي بهتر ٿي سگهي ٿي. رحمت خان وزير جي مطابق عورتون ايف سي ۾ آفيس رڪارڊ، اهلڪارن جي ترقين ۽ تنزليون جي رڪارڊ کان علاوه ٻين دفتري ڪارڪردگي کي بهتر ۽ نظم و ضبط ۾ آڻي سگهن ٿيون . هن چيو ته ايف سي ۾ سپاهين ۾ ڪا به عورت نه آهي جڏهن ته هاڻي عورت آفيسر وڏي تعداد ۾ اچي رهيون آهن جيئن پوليس جو ڊيوٽيون هونديون آهن ايئن ئي ايف سي ۾ عورتن ۾ ايمرجنسي جي صورتحال ۾ وڏيون ذميواريون نڀائڻيون هونديون آهن جنهن ۾ عورتن جو هجڻ نهايت ئي ضروري آهي. خيبر پختونخوا جا اڪثر ضلعا ماضي قريب ۾ دهشتگردي جي واقعن سان بري طرح متاثر ٿيا آهن جنهن ۾ سوات به شامل هو. دهشتگردي جي خلاف جنگ دوران جتي عام شهرين ۽ ٻين فورسز جي اهلڪارن ۽ آفيسرن کي نشانون بڻايو ويو اتي ايف سي جي چئن پوليس آفيسرن ۽ 300 کان وڌيڪ اهلڪارن سميت ڪل 360 اهلڪارن کي نشانون بڻايو ويو هو. فرنٽيئر ڪانسٽيبلري سن 1915 ۾ بارڊر ملٽري پوليس ۽ سمانا رائفلز کي پاڻ ۾ گڏائڻ سان وجود ۾ آئي هئي. برطانيه دور ۾ انهن فورسز جو ڪم سرحدن جي حفاظت ڪرڻ هيو. بنيادي طور تي هي فورس خيبر پختونخوا ۾ قبائلي علائقن مان ملڻ واري سرحد جي حفاظت جي لاءِ تيار ڪئي وئي هئي جڏهن ته هاڻي هي پاڪستان جي مختلف علائقن ۾ مقرر آهي.( بشڪريه بي بي سي، سنڌيڪار سليم ڪلهوڙو)

پهنجو تبصرو موڪليو