رتوديرو(فدا حسين لاشاري) ڀاڄين جي آسمان سان ڳالهيون ڪندڙ اگهن رتوديرو جي عوام جي چيلھ چٻي ڪري ڇڏي، انتظاميه اگهن تي ڪنٽرول ڪرائڻ ۾ مڪمل ناڪام، مسڪين پورهيت طبقو سبزي جي خريداري کان به محروم، ٽماٽا 140، گوبي 130، ڪريلا 120، بصر 100، پٽاٽا 50 روپيا ڪلو وڪرو ٿيڻ لڳا. واپاري ۽ دڪاندارن جي هڪ هٽي قائم ڪندي سبزين جا هٿرادو اگھ مقرر ڪري ڇڏيا آهن. شهرين محمد ياسين، انيس الرحمٰن، سراج احمد، شاهزيب، ساجد علي، شعيب احمد، شهباز علي ۽ ٻين صحافين اڳيان دانهيندي چيو ته رتوديرو ۾ قانون ۽ انتظاميه نالي ڪا به شيءِ نه آھي ڇو ته سڀ پنج روپيا کائي پنهنجو پيٽ ڀري خاموش ٿي ويهي رهن ٿا دڪاندارن وٽ سرڪاري اگهن واري ريٽ لسٽ نه آھي جيڪڏهن هٿرادو مهانگائي خلاف دڪاندارن ريڙهن وارن کان پڇاڻو ٿا ڪريون ته چون ٿا نڪر هتان اڳتي وڃ سودو وٺ، انڌير نگري چرٻٽ راڄ قائم ڪيو ويو آھي 400 روپيا ڏهاڙي ڪمائيندڙ مسڪين غريب چوٽ تي ايڏي مهانگائي ۾ ڪيئن اٽو چانور گھ خريد ڪري ۽ ٻيڻ اگهن تي مقرر سبزي ڪيئن خريد ڪري ٻچن جو پيٽ پالي. صحافين سان ڳالهائيندي دڪاندارن چيو ته مهانگائي ملڪ ۾ وڌي وئي آھي پوءِ ڪجھ اسان به اگھ وڌايا آھن ڇو ته انتظاميه وارا سبزي منڊي ۾ نه پيا اچن اتي واپاري اسان دڪاندارن کي مهانگي سبزي ڏئي رهيا آھن.










