ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سام سنگ جي نئين فليگ شپ فون گليڪسي ايس 11 سيريز جو فون ۽ نئون فولڊ ايبل فون 18 فيبروري تي متعارف ڪرايو ويندو. اهڙي دعويٰ سام سنگ فون جي حوالي سان ليڪس ڪرڻ لاءِ مشهور ٽوئيٽر صارف آئس يونيورس هڪ ٽوئيٽ ۾ ڪيو آهي. ٽوئيٽ مطابق سام سنگ طرفان گليڪسي ايس 11 ۽ نئون ڪامشيل فولڊ ايبل فون کي فرانسڪو ۾ 18 فيبروري تي هڪ تقريب دوران متعارف ڪرائي سگهجي ٿو.اهو فون بارسلونا ۾ شيڊول موبائل ورلڊ ڪانگريس کان ڪجهه ڏينهن اڳ متعارف ڪرايو ويندو جهڙي طرح هن سال گليڪسي ايس 10 ۽ گليڪسي فولڊ کي هن ايونٽ کان پهرين 21 فيبروري تي پيش ڪيو ويو هو. گليڪسي ايس 11 فون حوالي سان ڪافي ليڪس پهرين ئي سامهون اچي چڪيون آهن ۽ ان جون ممڪنه تصويرون به ليڪ ڪيو ويون آهن. هن ڀيري فون ۾ بيٽريون گذريل سال جي فون جي مقابلي ۾ وڏيون هونديون جڏهن ته پهريون ڀيرو اها ڪمپني بيڪ 108 ميگا پڪسل ڪيمرا متعارف ڪرائيندي ۽ مجموعي طور تي 4 ڪيمرائن جو سيٽ اپ هوندو جنهن ۾ 5 ايڪس آپٽيڪل زوم جو فيچر به شامل هوندو. فرنٽ تي گليڪسي نوٽ 10 سيريز طرح هول ڊيزائن ۾ سيلفي ڪيمرا ڏنو ويندو ۽ 120 ريفريش هرٽز ڊسپلي ڏيڻ جو به امڪان آهي. فون اندر اسنيپ ڊراگون 865 يا ايڪسينوس 9380 پراسيسر موجود هوندو جيڪو 12 جي بي ريم ۽ 512 جي بي اسٽوريج تائين جا آپشن به ڏنا ويندا. جيتري قدر فولڊ ايبل فون جي ڳالهه آهي ته ان باري ۾ وڌيڪ تفصيل في الحال سامهون نه اچي سگهيا آهن صرف ڪمپني طرفان هڪ ڪانسيپٽ ڊيزائن موجود آهي جيڪو موٽرولا ريزر جي فون جهڙو لڳي ٿو. اهو چيو پيو وڃي ته ان جي قيمت گليڪسي فولڊ جي مقابلي ۾ تمام گهٽ هوندي ۽ 1 هزار ڊالر تائين ٿي سگهي ٿي.
آءِ ايس آءِ جي اڳوڻي چيف خلاف فوج پاران انڪوائري شروع
صوبي جي 30 ٽيچنگ ٽريننگ ادارن کي اپ گريڊ ڪرڻ جو فيصلو
حيسڪو، سيپڪو ۽ ڪي اليڪٽرڪ پاران صارفين جي اوور بلنگ تي ڳڻتي
برسات جي اڳڪٿي، واٽر ڪارپوريشن ۾ برساتي ايمرجنسي لاڳو
پاڪستان تي سفري پابنديون برقرار
بلوچستان ۾ برساتن سبب ٻوڏ جي صورتحال، 8 ڄڻا فوت
پي ٽي آءِ جي شير افضل جي سعودي بابت بيان کان لاتعلقي
گورنر جي تبديلي جو فيصلو اسان نه وزيراعظم ڪندو: مراد شاهه
پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس سڀاڻي ٿيندو، صدر زرداري خطاب ڪندو
بلوچستان ۾ مخالف ڌر جو پهريون جلسو ناڪام رهيو: تارڙ
سنڌ ڪابينا جي وڌيڪ 8 وزيرن اڄ حلف کڻي ورتو
جيڪب آباد ۾ گهر واري خرچ گهرڻ تان مڙس هٿان قتل
سعودي وفد جي دوري سان اربين ڊالرن جي سيڙپ ٿيندي
ايڪس بندش خط واپسي جو حڪم، معاملا هٿ مان نڪرن پيا
توشه خانه ڪيس ۾ نواز شريف جي بريت جي درخواست
واٽس ايپ چيٽ لاءِ هڪ بهترين فيچر متعارف
تيز مغربي برساتي سسٽم ڪراچي ۾ داخل ٿي ويو
حڪومت پاران پنهنجي ئي مقرر جج خلاف ريفرنس داخل
ٻيو ٻار به جلد ايندو، ياسر حسين
خرچن ۾ شفافيت ۽ ٽيڪس وصولي ايف بي آر حوالي ڪريو