زڪام مان هميشه لاءِ ڇوٽڪاري جي دائمي دوا ايجاد

لنڊن (ويب ديسڪ) سائنسدانن جديد تحقيق بعد سوائن فلو سميت هر قسم جي زڪام مان ڇوٽڪاري جي نئين دوا ايجاد ڪري ورتي آهي جيڪا نئين نسل لاءِ تمام وڏي خوشخبري آهي. نئين دوا سبب زڪام جو وائرس ختم ٿي ويندو. آمريڪا جي “انسٽيٽيوٽ فار بايو ميڊيڪل سائنسز جارجيا اسٽيٽ يونيورسٽي” ۾ ڊاڪٽر رچرڊ پليمپر جي سربراهي ۾ محققن جي ٽيم نئين دوا جي ڪامياب تجربو  ڪيو آهي. نئين دوا وات ذريعي کائڻ جي آهي ان م اها صلاحيت آهي ته زڪام جو سبب بڻجندڙ جيوڙن کي اها غير موثر ڪري ڇڏيندي. ڊاڪٽر رچرڊ ٻڌايو ته زڪام معمولي ڳالهه ناهي دنيا ۾ هر سال هزارين ماڻهو زڪام سبب مري وڃن ٿا. هن موجب رڳو آمريڪا ۾ 30 کان 80 هزار ماڻهو هر سال مرن ٿا ۽ برطانيا ۾ ان جو تعداد 10 هزار جي لڳ ڀڳ آهي. نئين تحقيق بابت “دي انڊپينڊنٽ” اخبار ۾ خبر شايع ٿي آهي.

نور نما جانور، فوٽو وڪيپيڊيا

هن دوا جو ڪامياب تجربو نور نما هڪ جانور تي ڪيو ويو آهي جيڪو زڪام جي وزئرس جي حوالي سان انسان سان تمام گهڻي مشابهت رکي ٿو. جنهن انگريزي ۾ Ferret چئبو آهي. تحقيق ڪارن جو چوڻ آهي ته اڃا ڪجهه تجربا ٿيندا جنهن بعد هن دوا جي منظوري بعد ان کي مارڪيٽ ۾ آندو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو