رٽائر استاد جو گهرتي قبضي ۽ نوجوان جو زمين ڦٻائڻ خلاف احتجاج

پنوعاقل (رپورٽ سنتوش ڪمار) رٽائرڊ استاد لطف الله چاچڙ گهر تي قبضي ۽ غلام سرور ڀيلار پاران والد جي ملڪيت مان حصو نه ملڻ خلاف ڌار ڌار احتجاج ڪيو ويو. رٽائرڊ استاد چيو ته غريب آباد ۾ منهنجي ذاتي گهر تي بااثر بشير احمد ڀارو ڪوڙو کاتو ٺهرائي قبضو ڪري ورتو آهي. هن چيو ته ڪوڙو کاتوٺاهڻ ۾ پنوعاقل جي روينيو کاتي جا عملدار پڻ ملوث آهن. هن ٻڌايو ته گهر تي پوليس جي مدد سان بااثر قبضو ڪري ويهي رهيو آهي. هن چيو ته بااثر هر آئي ڏينهن ڪوڙا ڊرامه رچائي اسان مٿان پوليس جي مدد سان ڪوڙيون ايف آئي آرون داخل ڪرائي رهيو آهي. هن ڪمشنر ۽ ڊي آءِ جي سکر کان مطالبو ڪندي قبضو خالي ڪرائي ڏيڻ جي اپيل ڪئي. هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي بشير احمد ڀارو جو چوڻ هو ته جنهن گهر ۾ آئون ويٺو آهيان سو منهنجي ذاتي ملڪيت آهي جنهن جو کاتو پڻ مون وٽ موجود آهي قبضي ڪرڻ جا الزام بي بنياد آهن.

ٻئي پاسي ڳوٺ ڀيلار جي نوجوان غلام سرور ڀيلار چاچن خلاف احتجاج ڪندي دعويٰ ڪئي ته منهنجا چاچا عبدالرزاق ۽ عبدالحلیم ولد غوث بخش مونکي اباڻي زمين مان حصو نہ ٿا ڏين ۽ منهنجو والد مرحوم عبدالڪريم ڀيلار جيڪو سرڪار اسڪول ۾ پٽيوالو هو، تنهن جي ملندڙ پينشن فراد سان کائي رهيا آهن. هن موجب ته منهنجي پڦي کي ڀائٽي ڄاڻائي سندس نالي ڪرائي ڇڏي اٿن. هن اپيل ڪئي ته وس وارا عملدار نوٽيس وٺي ساڻس انصاف ڪن.

پهنجو تبصرو موڪليو