روس جون 7، اهم ايجادات جن دنيا ۾ انقلاب برپا ڪري ڇڏيو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) دنيا جي سائنسي ايجادات جي وڏي تاريخ آهي ۽ اوهان کي خبر هوندي ته ريڊيو، ٽي وي، ويڊيو رڪارڊنگ مشين، سولر سيل ۽ ڏهي به روس ايجاد ڪيون، پر اڄ هتي اسين اوهان کي روس جي 7، اهڙين ايجادات جي باري ۾ ٻڌائينداسين جن جديد دنيا ۾ انقلاب برپا ڪيو. شايد اهو ئي سبب آهي ته روسي صدر پيوٽن تازو پنهنجي سائنسدانن تي زور ڀريو آهي ته مستقبل جي جديد ٽيڪنالوجي جنهن کي مصنوعي ذهانت ۽ روبوٽڪ ٽيڪنالوجي به چيو وڃي ٿو، ان شعبي ۾ روس کي ليڊ ڪرڻ گهرجي.

هيليڪاپٽر : ايمرجنسي، شهري توڙي فوجي مقصدن لاءِ مشڪل جڳهن تائين جلدي پهچڻ لاءِ اڄ به هيليڪاپٽر کي اهم حيثيت حاصل آهي ۽ اهو روس جي ايجاد آهي. آئيگور سڪورسڪي Igor Skorsky روسي انجنيئر1910 ۾پهريو دفعو پروٽو ٽائيپ روٽر تيار ڪيو جنهن جي ٻن سالن بعد ڊبل انجڻ وارو جهاز ٺاهيائين، جيڪو دنيا جو پهريون هائيڊرو پلين هو. جنهن بعد هن پنهنجي ڪمپني قائم ڪئي ۽ 1939 ۾ هن ڪلاسڪ هيليڪاپٽر ٺاهيو.

ٽرانسفارمر: اوهان کي خبر آهي ته گرڊ اسٽيشن لاءِ ٽرانسفارمر انتهائي اهم آهي ۽ بجلي جي ورهاست ان کانسواءِ ممڪن ناهي. 1870 ۾ روسي اليڪٽريڪل انجنيئر پاويل يبلوچڪوو   Pavel Yablochkov۽ فزسٽ، وين يوسيجن Van Usaginگڏجي ٽرانسفارمر ايجاد ڪيو، جنهن بعد دنيا ۾ بجلي جي ورهاست ممڪن ٿي، گهريلو، تجارتي ۽ صنعتي شعبن ۾ انقلاب آيو.

مصنوعي رٻڙ : هي اهڙي شئي آهي جنهن جي ايجاد پڻ دنيا کي بدلائي ڇڏيو. صنعتي شعبي سميت هر شعبي ۾ استعمال ٿيندڙ سيل، انجيڪشن، مڊيڪل گلوز، شاپنگ بيگ، گاڏين جا ٽائر، ميزائيل، گاڏين، مشينري، چپل، ڪنڊوم مطلب ته هر شئي ۾ مصنوعي رٻڙ استعمال ٿي رهيو آهي ۽ اها پڻ روس جي ايجاد آهي.

لاباري جي مشين : هي مشين 1868 ۾ روسي سائنسدان اينڊري ولاسينڪو Andrei Vlasenko ايجاد ڪئي هئي. شروع ۾ 20 ماڻهن جي برابر هي مشين ڪم ڪندي هئي. بعد ۾ ان جي ڊزائن ۽ ڪم جي سگهه ۾ واڌارو ايندو رهيو. هن مشين جي ڊزائن ۽ دنيا ۾ ان کي تجارتي مقصد لاءِ آمريڪا وڌيڪ متعارف ڪرايو.

پيٽرول : خام تيل مان پيٽرول پيدا ڪرڻ جو ڪم به روسي انجنيئر ولاديمير شخوو Vladimir Shukhov 1891 سرانجام ڏنو. هن انتهائي گرمائش تي خام تيل کي اوٻاري پيٽرول پيدا ڪيو. جنهن بعد دنيا جي ٻين ملڪن پيٽروليم جي پيداوار جي مشينري ۽ ريفائنريز ٺاهڻ شروع ڪيون.

پيرياڊيڪل ٽيبل: هن ٽيبل جي ايجاد ڪيمسٽري جي دنيا ۾ وڏو انقلاب برپا ڪيو ۽ ايندڙ ڪيترن سالن تائين هن جي انتهائي اهميت برقرار رهندي. دنيا ۾ هر سطح تي تسليم ڪيل ڪيميائي عنصرن جي هي ٽيبل روس جي ڪيميا دان دمتري آئيوينووچ Dmitri Ivanovich پهريون دفعو 1869 ۾ ايجاد ڪئي. جيڪا ڪيمسٽري، نيوڪليئر فزڪس وغيره ۾ به استعمال ٿئي ٿي. هن ٽيبل م مادي عنصر کاٻي ۽ غير مادي عنصر عام طور تي ساڄي پاسي هوندا آهن.

بيڪ پيڪ پيراشوٽ: پيراشوٽ جي ايجاد دنيا ۾ مختلف ماڻهن سان منسوب آهي پر اصل آئيڊيا ليونارڊو دا ونچي جو هو. بنا فريم پيراشوٽ 1790 ۾ ٺاهيو ويو، جيڪو فرانس جي ڦوڪڻيدان اينڊري جيڪوس گارنرن ٺاهيو. فوجي مقصدن وارو فلائنگ پيراشوٽ روسي سائنسدانن جي ايجاد آهي. جڏهن روس ۾ هڪ اهم پائلٽ جهاز جي حادثي ۾ فوت ٿي ويو ته ان تي ڪم شروع ٿيو ۽ روس  بيڪ پيڪ پيراشوٽ جو پهرين عالمي جنگ ۾ استعمال به ڪيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو