روسي هيڪرز جو وايا ايران سائبر حملو، 35 ملڪن جي ڊيٽا چوري

لنڊن(ويب ڊيسڪ) برطانوي ۽ آمريڪي ڳجهن اداران انڪشاف ڪيو آهي ته هڪ روسي هيڪر گروپ هڪ ايراني هيڪر گروپ کي هيڪ ڪري ان جي سڃاڻپ استعمال ڪندي  درجن کن ملڪن جي جاسوسي ڪئي،آئل رگ نالي ايراني ٽولي جي نظام تي ترلا نالي روسي هيڪرن حملو ڪيو ۽ پوءِ ٻين ملڪن کي نشانو بڻائڻ لاءِ  ان نظام کي  استعمال ڪيو. بي بي سي موجب ان ٻٽي واردات جو انڪشاف 2017ع ۾ شروع ٿيڻ واري برطانيا جي نيشنل سائيبر سيڪيورٽي سينٽر (اين سي ايس سي) جي جاچ جي نتيجي ۾ ٿيو، جيڪا هڪ برطانوي تعليمي اداري تي سائبر حملي کانپوء شروع ٿي هئي.

برطانوي سيڪورٽي عملدارن جو چوڻ آھي ته ترلا ايراني نظام استعمال ڪندي گذريل 18 مهينن جي دوران 35 کان وڌيڪ ملڪن کي نشانو بڻايو جنهن دوران گهٽ ۾ گھٽ 20 ملڪن جي مختلف ادارن جا نظام ڪاميابي سان ھيڪ ڪيا ويا. انهن ڪارواين جو مقصد خفيه ڄاڻ چورائڻ ھيو ۽ حڪومتن سميت وڏي تعداد ۾ گهربل ٽارگيٽس يعني حدفن جي نظامن مان دستاويز چورايا ويا. عملدارن مطابق اها هيڪنگ مهم سڀ کان وڌيڪ فعال وچ اوڀر ۾ ٿي پر ان برطانوي ادارن کي به نشانو بڻايو. ڳجهن ادارن جو چوڻ آھي ته ترلا رڳو ايراني هيڪنگ ٽولي جي چوري ڪيل ڄاڻ حاصل ڪئي پر ايراني نظام استعمال ڪندي پنهنجيون هيڪنگ ڪاروايون به ڪيون جيئن ان جي حقيقي سڃاڻپ لڪي سگهي نشانو بڻنجندڙن کي شايد اهو محسوس ٿيندو هجي ته انهن کي ايراني هيڪر ٽولي نشانو بڻايو آھي جڏهن ته حقيقت ۾ ان ڪاروائي پٺيان روسي ٽولو هيو اين سي ايس سي جي ڊائريڪٽر پال چيچسٽر چواڻي انهن ان کان پهريان ايتري مھارت سان ڪيل حملو  اڳ ۾ ڪڏهن به ناهي ڏٺو.

اين سي ايس سي انهن حملن جو سڌو واسطو ايران ۽ روس جي رياستن سان ڳنڍڻ کان پاسو ڪيو آھي پر ترلا بابت ٻن ادارن جو چوڻ آھي ته اها روسي ڳجهي ايجنسي ايف ايس بي سان لاڳاپيل آهي جڏهن ته آئل رگ ايراني رياست سان لاڳاپيل آھي. برطانوي گورنمينٽ ڪميونيڪشن هيڊڪوارٽرز (جي سي ايڇ ڪيو) اولهندي ڪارواين تي تبصرو ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو برطانوي عملدارن جو چوڻ آھي ته ترلا جي قدمن سان ڪنهن سائبرحملي جو ذميوار ڪنهن ٻئي کي قرار ڏيڻ جي خطرن جو اندازو ٿئي ٿو پر هنن چيو آھي ته انهن کي اهڙي ڪنهن واقعي بابت علم ناهي جنهن ۾ روسي ڪارواين جو ذميوار غلط طور تي ايران کي قرار نٿو ڏيئي سگهي. (بشڪريه بي بي سي تصويرون گيٽي اميجز)

پهنجو تبصرو موڪليو