راولپنڊي پيپلز پارٽي جو مقتل گاهه آهي : خورشيد شاهه

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پي پي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته پي پي جي نصيب ۾ ئي پنڊي آهي،راولپنڊي پي پي جو مقتل گاهه آهي. هن اهڙو اظهار سنڌ اسيمبلي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي  ڪيو. خورشيد شاهه وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽي جمهوريت جي بحالي لاءِ وڏيون ڪوششون ڪيون، ملڪ جو آئين پاس ڪندڙ اسيمبلي جي اسپيڪر کي نيب حراست ۾ ورتو، اسان قانون ۽ آئين موجب پنهنجا ڪيس وڙهندا سون. هن وفاقي حڪومت  تي تنقيد ڪندي چيو ته 120 ارب رپيا رڳو سنڌ جا روڪيا ويا آهن، خساري ۾ شئير سنڌ تي 24 کان 25 ارب ٺهي ٿو، ايترا پيسا ڇو روڪيا ويا آهن. هن چيو ته ڀارت سان ڇڪتاڻ دوران عمران خان قوم کي ورهائڻ جي وڏي ڪوشش ڪئي پر اسين ملڪي مفاد ۾ قوم ۽ اپوزيشن کي ورهائڻ نه ڏنو. هڪ سوال تي پي پي اڳواڻ چيو ته فواد چوڌري ته پهريان ئي دعويٰ ڪندو هو ته اپوزيشن اين آر او گهري رهي آهي، پڇون ٿا ته نالا نه ٿو ٻڌائي ته ڪير اين آر او ٿو گهري، هن عمران خان تي تنقيد ڪندي چيو ته هن وقت ملڪ ۾ مهانگائي جو عذاب آهي، سوال ڪرڻ وارا ٻڌائين ته ڇا مطمئن آهن، بجلي ۽ گئس جي بلن ۾ رڪارڊ واڌ ڪئي وئي آهي، پيٽرول جا اگهه وڌي ويا آهن، هڪ ڪروڙ نوڪريون ۽ 50 لک گهر ڏيڻ جي ڳالهه ڪئي وئي پر ڪجهه به ٿيندو نظر نه ٿو اچي. هن چيو ته پهريان هر شهري هڪ لک 70 هزار جو قرضي هو هاڻي پوڻن ٻن لک جو قرضي ٿي ويو آهي، خورشيد شاهه پرڏيهي وزيرشاهه محمود قريشي کي ڊِيفڪٽو وزيراعظم قرار ڏيندي چيو ته هو اجلاس سڏائي رهيو آهي، مني لانڊرنگ ڪيس منتقل ٿيڻ بابت سوال جي جواب ۾ خورشيد شاهه چيو ته پيپلزپارٽي جي نصيب ۾ ئي پنڊي آهي، پنڊي پيپلزپارٽي جو مقتل گاهه آهي، هن چيو ته جڏهن جنگ جي خطري دوران ڀارت ورهايل ۽ پاڪستان هڪ هو پر عمران خان وڏي ڪوشش ڪئي ته اسان ورهائجي وڃون، پر اسان مودي کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏنو، بلاول ڀٽو بابت شيخ رشيد جي بيان جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ خورشيد شاهه چيو ته شيخ رشيد کي اهميت نه ٿو ڏيڻ چاهيان.ان کان اڳ  خورشيد شاهه سنڌ اسيمبلي پهچي اسپيڪر آغا سراج دراني سان ملاقات ڪئي ۽ نيب ڪارروائي بعد ساڻس همدردي جو اظهار ڪي.

پهنجو تبصرو موڪليو