دنيا ۾ پهريون ڀيرو مرداڻي عضوي جو ڪامياب ٽرانسپلانٽ

دنيا ۾ پهريون ڀيرو مرداڻي عضوي جو ڪامياب ٽرانسپلانٽ

لنڊن (ويب ڊيسڪ) طالبان جي حملي ۾ هيٺيون ڌڙ تباهه ٿي ويندڙ فوجي جي مرداڻي عضوي جي ٽرانسپلانٽ جو ڪامياب آپريشن ڪيو ويو آهي. دنيا ۾ هي پهريون ڪامياب آپريشن آهي جنهن ۾ مرداڻي عضوي سان گڏ خصيه به ٽرانسپلانٽ ڪيا ويا آهن ۽ مريض هاڻي عام ماڻهن جيان سيڪس ڪري ٿو. نيو انگلينڊ جرنل آف ميڊيسن ۾ شايع ٿيل رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته افغانستان ۾ هي فوجي ساٿين سميت گشت ڪري رهيا هئا ته مٿن طالبان حملو ڪيو هي فوجي زخمي ساٿي کي طبي امداد ڏئي رهيو هو ته اوچتو سندس پير ڳجهي نموني فٽ ڪيل بارود تي پيو ته ڌماڪي سبب سندس هيٺيون ڌڙ بري طرح متاثر ٿيس جنهن ۾ سندس مرداڻو عضوو خصين سميت ڪپجي ويو هئس.

فوٽو نيو انگليند جرنل آف ميڊيسن

جنهن بعد سندس ٻئي ٽنگون گوڏن کان مٿي ڪپڻيون پيون ۽ کيس مصنوعي ٽنگون لڳائي سندس تباهه ٿيل رڳون بحال ڪري سندس هم عمر جي ڊونيٽ ڪيل مرداڻو عضوو آنورن يعني خصيي سميت ٽرانسپلانٽ ڪيو ويو. دنيا ۾ هيستائين مرداڻي عضوي جي ٽرانسپلانٽ جا 4 ڪامياب آپريشن ٿيا آهن پر دنيا جو پهريون مرداڻي عضوي  جو آنورن ۽ پيٽ جي ڀت واري کل سميت ٽرانسپلانٽ جو پهريون آپريشن آهي. آمريڪا جي جان هاپڪن اسپتال ۾ 14 ڪلا ڪ هلندڙ هن آپريشن ۾ 11 ڊاڪٽرن حصو ورتو. اڳ ۾ 2006 ۾ چين ۾ مرداڻي عضوي جي ٽرانسپلانٽ ٿي هئي پر آپريشن ڪامياب نه ٿيو هو. جنهن بعد 2014 ۾ ڏکڻ آفريڪا ۽ 2016 ۾ آمريڪا ۾ پهريون ڀيرو ڪامياب آپريشن ٿيا هئا. ٽرانسپلانٽ ڪرائيندڙ فوجي کي هڪ سال ٿي ويو آهي ۽ ان دوران ٿيل سمورا ٽيسٽ ڪامياب آپريشن جي گواهي ڏين ٿا، سڀ کان وڌيڪ متاثره فوجي پاڻ ٿو چوي ته هاڻي هو مڪمل ۽ عام ماڻهو وانگر پاڻ کي نارمل محسوس ٿو ڪري.

پهنجو تبصرو موڪليو