دنيا جو سڀ کان ننڍو رنگين پرنٽر تيار ٿي ويو

بيجنگ (ويب ڊيسڪ) دنيا جو سڀ کان ننڍو ڪلر پرنٽر جيڪو توهان پنهنجي هٿن ۾ جتي ڪٿي کڻي وڃي سگهو ٿا جنهن جو وزن صرف 110 گرام آهي ليڪن اهو ڪلاڪتن تائين مسلسل ٽي رنگي (ٿري ڪلر) پرنٽنگ ڪري سگهي ٿو جنهن کي پِرن ڪيوب جو نالو ڏنو ويو آهي ۽ پنهنجي جادوئي خصوصيت جي بنياد تي اهو ڪاغذ، ڪپڙي، ڪاٺ، انساني جلد ۽ غير هموار سطح تي ان لائيٽ تيز رفتاري سان رنگين تصويرن، پيغامن ۽ لکائي ڇاپي سگهي ٿو. گهربل سطح تي پرنٽر رکو ۽ بٽڻ دٻائي ان کي ڦيرائيندو رهو ته هو پنهنجي ميموري سان انتخاب ڪيل تصوير جو ٽيڪسٽ فوري طور ڇاپي ڏيندو آهي. واءِ فاءِ يا آءِ فون ايپ سان ڪنٽرول ٿيندڙ ان اهم ايجاد جي قيمت 500 ڊالر جي لڳ ڀڳ آهي ليڪن اها بغير بيهڻ جي 6 ڪلاڪن تائين ڇپائي جري سگهي ٿو ڀلي ڪا به پيچيده ڊيزائن هجي تصويرون هجن يا الفاظ پرن ڪيوب پرنٽنگ کي وڌيڪ آسان ۽ جديد بڻايو ويو آهي جنهن لاءِ صرف هڪ بٽڻ دٻائڻ جي ضرورت آهي. پرن ڪيوب کي اڄڪلهه جي تيز رفتار زندگي جي لحاظ کان بڻايو ويو آهي جنهن کي توهان سفر، پارٽي يا ڪنهن ٻي جڳهه تي استعمال ڪري سگهو ٿا. سڀ کان اهم ڳالهه اها آَهي ته پرن ڪيوب ڪيترن ئي سطحن تي هڪ جهڙي رفتار سان پرنٽنگ ڪندو آهي ان ۾ نصب پرنٽنگ ڪار ٽريج ٿرمل اصولن تي ڪم ڪندي آهي ۽ حقيقت کان صفا ويجهو ٿي خوبصورت تصويرون ۽ ڊيزائن ڇپائي ڪندي  آهي. بيٽري هڪ ڀيرو چارج ٿيڻ تي مسلسل 6 ڪلاڪ تائين ڪم ڪندي آهي. جيڪڏهن توهان ان بيٽري کي دراز ۾ رکي ڇڏيو ته هڪ سال تائين به ان جي بجلي ختم نه ٿيندي ۽ هڪ رنگين ڪار ٽريج مسلسل 415 صحفن تائين ڇاپي سگهي ٿي.  پرنٽر جي ميموري ۾ هڪ وقت 20 تصويرون ۽ ڊيزائن سمائجي سگهنديون آهن هن ايجاد لاءِ انٽرنيٽ تي چندو گڏ ڪيو ويو هو جنهن کان پوءِ پراڊڪٽ سامهون آيو. ان کان اڳ پرنٽر کي هر هر آزمائشن کان گذاريو ويو ۽ ان جون خاميون درست ڪيون ويون.

پهنجو تبصرو موڪليو