دنيا جو سستو 5 جي موبائل فون صارفين لاءِ متعارف

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) هواوي جي ذيلي ڪمپني آنر هن مهل تائين سڀ کان وڌيڪ سستا فائيو جي سمارٽ فون وي 30 ۽ وي 30 پرو متعارف ڪرائي ڇڏيا آهن. بيجنگ ۾ هڪ ايونٽ دوران آنر پنهنجون پهريون 5 جي فون پيش ڪيو جنهن ۾ ڪيرين 990 اسيسر ڏنو ويو آهي جڏهن ته مجموعي طور 5 ڪيمرائون موجود آهن. آنر وي 30 ۽ وي 30 پرو جنهن جو عالمي سطح تي ويو 30 جو نالو ڏنو پيو وڃي ۾ 6.57 انچ جي ايل سي ڊي ڊسپلي ڦل ايڇ ڊي پلس ريزولوشن سان گڏ ڏنو ويو آهي. ان کان علاوهه 6 کان 8 جي بي ريم ۽ 128 کان 256 جي بي اسٽوريج جا آپشن ڏنا ويا آهن ٻنهي ۾ 5 جي سپورٽ لاءِ هواوي جو بالونگ 5000 موڊيم موجود آهي. ٻنهي فونن جي بيڪ تي 3 جڏهن ته فرنٽ تي ڊوئل ڪيمرا سيٽ اپ موجود آهي. وي 30 ۽ وي 30 پرو ۾ 40 ميگا پڪسل ۾ ڪيمرا ڊوئل او آءِ ايس ۽ ليزر اي ايف سان گڏ ڏنو ويو آهي پر ان باوجود پرو ورزن ۾ وڌيڪ تيز ايف 1.6 ۾ ايف 1.8 آپٽڪس آهي. اهڙي طرح 8 ميگا پڪسل ٽيلي فوٽو ڪيمرا 3 ايڪس آپٽڪل زوم سان گڏ ڏنو ويو آهي جڏهن ته ٽيون ڪيمرا الٽرا وائيڊ اينگل سان گڏ آهي. وي 30 ۾ 8 ميگا پڪسل جڏهن ته وي 30 پرو ۾ 12 ميگا پڪسل سنسر ڏنو ويو آهي. فرنٽ تي پنج هول ڊيزائن ۾ 32 ميگا پڪسل ۾ سيلفي ڪيمرا سپر ناٽ موٽ سپورٽ سان گڌ آهي جڏهن ته ٻيو 8 ميگا پڪسل الٽرا وائيڊ ڪيمرا آهي. ٻنهي فونن ۾ اينڊرائيڊ 10 گيمنگ 2.0، وي 30 ۾ 4200 ايم اي ايڇ جڏهن ته پرو ۾ 4100 ايم اي ايڇ بيٽري ڏني وئي آهي. جڏهن ته 40 واٽ الٽرا فاسٽ چارجنگ سپورٽ موجود آهي پر وي 30 پرو ۾ 27 واٽ سپر وائرليس چارجنگ ٽيڪنالوجي به ڏني وئي آهي. وي 30 جي 6 جي بي ريم ۽ 128 جي بي اسٽوريج فون جي قيمت 470 ڊالر يعني پاڪستاني 72 هزار رپيا رکي وئي آهي. جڏهن ته 8 جي بي ريم واري فون جي قيمت 86 هزار قيمت رکي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو