سکر(جیرام داس) سول سوسائٽي خانه بدوش رائيٽرس ڪيفي جي تحفظ لاءِ نڪري پئي، سماجي ڪارڪنن ۽ وڪيلن رائيٽرس ڪيفي خالي نه ڪرائڻ ۽ نوٽيس واپس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي. سکر جي وڪيلن پاران ڀٽ لا چيمبر جي سرواڻ ھادي ڀٽ، فرزانا کوسو, رضوانا ميمڻ, ذوالفقار علي ملاڻو، سندر چاچڙ، شڪيل ابڙو, راحب علي ملاڻو، سڪندر جوڻيجو ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ وڪيلن حيدرآباد جي تاريخي خانه بدوش رائٽرس ڪيفي بند ڪرائڻ خلاف ۽ نوٽيس واپس وٺڻ لاءِ ڊسٽرڪٽ بار آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ناري فائونڊيشن جي گڏجاڻي چيئرپرسن افشان اصغر جي صدارت ھيٺ ٿي، جنھن ۾ ايگزيڪٽو ڊئريڪٽر انورعلي مھر، شڪيلا ڪنول، مشتاق ٽانوري، وحيد مھر ۽ ٻين شرڪت ڪئي. گڏجاڻي بعد ميڊيا سان ڳالھيون ڪندي نامياري وڪيل ھادي ڀٽ، فرزانہ کوسو، رضوانہ ميمڻ افشان اصغر، انور علي مھر ۽ مشتاق ٽانوري چيو ته حيدرآباد شهر ۾ خانه بدوش رائيٽرس ڪيفي ادب، آرٽ ۽ ثقافتي سرگرمين جو مرڪز آهي جنهن کي جاري رهڻ گهرجي. رائيٽرس ڪيفي کي بند ڪرڻ جون ڪوششون افسوسناڪ آهن. هن گهٽ ٻوسٽ، دهشتگردي ۽ مذهبي نفرت واري ماحول ۾ خانه بدوش ڪيفي سنڌ جي عورتن، شاگردن، شاگردياڻين، آرٽ ۽ موسيقي سان پيار ڪندڙن، ادب، شاعري ۽ ثقافت جي گهڻگهرن کي هڪ صاف سٿرو پاڪيزه ادب دوست، ثقافت دوست ۽ انسان دوست پليٽ فارم مهيا ڪيو آهي جتي ٻار، نياڻيون، اديب، آزاد ۽ ڀائيچاري واري فضا ۾ ادب، آرٽ ۽ ثقافت جي واڌاري لاءِ ويهي سوچين ٿا. هنن چيو ته رائيٽرس ڪيفي ۾ دنيا، پاڪستان جي مختلف صوبن، سنڌ جي اديبن، شاعرن، ناول نگارن، صحافين، انساني حقن جي علمبردارن سان نظرياتي ادبي ۽ فڪري ويهڪون ٿين ٿيون. شاهه لطيف، سچل، سامي، رومي، خيام، ٽئگور ۽ ٻين عالمي مفڪرن جي فڪر تي بحث ٿئي ٿو. آزاد ماحول ۾ عورتون پنهنجن حقن، ادب ۽ فلسفي تي ويچار ونڊين ٿيون. ان مرڪز جي سنڌ حڪومت ۽ ثقافت کي مالڪي ڪرڻ گهرجي ۽ ادب، آرٽ ۽ ثقافت کي هٿي ڏيارڻ وارين سرگرمين ۾ سهڪار ڪرڻ گهرجي. هنن چيو ته سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ ثقافت کاتي جي وزير سيد سردار علي شاهه کي هن انسانيت جي قدرن کي فروغ ڏيڻ واري مرڪز کي همٿائڻ گهرجي ۽ عورت آرگنائيزرس جي همت افزائي ڪرڻ گهرجي ۽ خانه بدوش رائيٽرس ڪيفي کي خالي ڪرائڻ وارو نوٽيس واپس وٺڻ گهرجي.










